پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان  تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڳوٺ صاحب خان ڪورائي ۾ سي پيڪ تي 13 ورهين جي مزمل ڪورائي کي تيز رفتار گاڏي ٽڪر هنيو ، نتيجي ۾ نينگر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي   تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو چوڻ ھو ته سي پيڪ ويجهو ڳوٺ آهي نينگر گهر کان نڪري مٿي موٽروي تي چڙهيو ته حادثو ٿيو.