اسلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل ڪرائي وئي آهي
گڏيل درخواست پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليز جي اڳوڻن اسپيڪرز داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ ٻنهي اسيمبليز جا اڳوڻا ميمبرز به شامل آهن
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ صوبائي گورنرز جي چونڊ جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسيمبليز کي ٽٽي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، گورنرز آئين موجب چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه پيا ڪن
گڏيل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آئين تحت چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، درخواست ۾ صوبائي گورنرز، اليڪشن ڪميشن، صدر پاڪستان کي به ڌُر بڻايو ويو آهي
درخواست ۾ قانون واري وزارت،پارلياماني مامرن واري وزارت، ڪي پي ۽ پنجاب جي نگران حڪومتن کي به ڌر بڻايو ويو آهي
هي به پڙهندا