ڳڙهي حسن (رپورٽ: رفيق سرڪي) ڳڙهي حسن ۽ آسپاس ۾ 40 کان وڌيڪ اسڪولن کي لڳل تالا نه کليا.بوائز پرائمري اسڪول بودلو ڀٽي، بوائز پرائمري اسڪول بودلو کوسو، بوائز پرائمري اسڪول نور محمد کوسو، بوائز پرائمري اسڪول پيارو کوسو، بوائز پرائمري اسڪول غوثو مائري، بوائز پرائمري اسڪول عيدن سرڪي، بوائز پرائمري اسڪول علي بخش ڪنراڻي، بوائز پرائمري اسڪول عطا محمد ڪنراڻي،گرلز پرائمري اسڪول عيدن سرڪي، گرلز پرائمري اسڪول، گرلز پرائمري اسڪول ايوب کوسو، گرلز پرائمري اسڪول پيارو خان کوسو، بوائز پرائمري اسڪول ايوب خان کوسو، بوائيز پرائمري اسڪول عبدالقادر بروهي، بوائز پرائمري اسڪول ماڻڪ جمالي، گرلز پرائمري اسڪول گلشير ڪنراڻي، گرلز پرائمري اسڪول عبدالڪريم ڪٽوهر  سميت 40 کان مٿي اسڪول گودام، مال جي وٿاڻن سميت اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويا، ٻارڙن جي تعليم تباھي طرف وڌڻ لڳي.بوائز پرائمري اسڪول الهجڙيو سرڪي، بوائز پرائمري اسڪول غلام جان ڪنراڻي، بوائز پرائمري اسڪول هوت خان سرڪي، بوائز پرائمري اسڪول گلشير ڪنراڻي، بوائز پرائمري اسڪول نصير خان ڀنگر سميت ٻين اسڪولن جون عمارتون زبون حال بڻجي ويون. استادن ۽ ٻارڙن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون، شهمير ڪٽوهر، بختيار ڪٽوهر، ڪوڙا خان ڪٽوهر، ٻارڙن صنم زبيدھ، زاهده، رابعا، ارم ڪٽوهر، ڪلثوم ڪٽوهر ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته اسڪولن ۾ عملو مقرر هئڻ باوجود ڊيوٽي تان گم آهي، اسڪول بند هئڻ سبب تعليم جي زيور کان محروم آهن،  هنن چيو ته تعليم کاتي جي عملدارن وٽ ڪيترائي ڀيرا دانهي ٿيا آهيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿو ٿئي.هنن الزام هڻندي چيو ته  اسڪول ۾ مقرر ماسترياڻيون ۽ ماستر ايجوڪيشن عملدارن کي ڀتو ڏيئي ڊيوٽي تان غائب آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي جا اعليٰ آفيسر ۽ وس ڌڻي نوٽيس وٺي اسڪولن ۾ مقرر  عملي کي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي.