دنيا ۾ ڪوبه شخص پيرسن ناهي ٿيڻ چاهيندو يا ايئن چئو ته هر شخص جوان رهڻ چاهيندو آهي، وڌندڙ عمر پاڻ سان گڏ نه صرف بيماريون آڻيندي آهي بلڪ دنيا ۾ اوهان جو وقت به گهٽجندو رهندو آهي. پر اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي شخص جي فٽنس جا راز ٻڌائينداسين جيڪو پنهنجي عمر کان ڪيترائي سال ننڍو نظر ايندو آهي. لنڊن سان تعلق رکندڙ بيچلر رابرٽ ايڊيشن جي عمر 89 سال آهي پر اهو پنهنجي عمر کان 20 سال ننڍو نظر ايندو آهي، يعني اهو 60 کان 65 سالن کان وڌيڪ جو نه لڳندو آهي. بيچلر رابرٽ جو چوڻ آهي ته مان جڏهن به ڪنهن کي پنهنجي عمر ٻڌائيندو آهيان ته ڪوبه ان جو يقين نه ڪندو آهي، ان جو سبب منهنجي روزاني جي روٽين آهي. رابرٽ صبح جو اٿڻ کانپوءِ تقريبن 30 منٽن تائين يوگا ڪندو آهي، ان کان علاوه سوئمنگ به ڪندو آهي. ان کان علاوه اهو بيلنسنگ ايڪسرسائز به ڪندو آهي.