بئنگلور(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي شهر بئنگلور ۾ هڪ گهوٽ پنهنجي اڳوڻي گرل فرينڊ طرفان بليڪ ميل ڪرڻ جي خوف کان شاديءَ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ڪنوار کي ڇڏي فرار ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب اهڙو واقعو 16 فيبروري تي پيش آيو، جڏهن ڪيترن ئي ڏينهن تائين گهوٽ جو ڪوبه ڏس پتو نه پيو ته پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گهوٽ پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ گاڏيءَ ۾ سوار هو ته هڪ روڊ تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، موقعو ڏسندي اهو ڪنوار کي گاڏيءَ ۾ ئي ڇڏي فرار ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب ڄاڻايل شخص کي هن جي اڳوڻي گرل فرينڊ ذاتي نوعيت جي وڊيوز ۽ تصويرون ليگ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي هئي. ڪنوار تصديق ڪئي ته گهوٽ مونکي پنهنجي اڳوڻي محبوبا جي بليڪ ميل ڪرڻ بابت ٻڌايو هو پر مان هن کي يقين ڏياريو هو ته مان هن سان گڏ آهيان. ڪنوار جو چوڻ هو ته مونکي شاديءَ کان اڳ ئي گهوٽ جي افيئر بابت آگاهه ڪيو ويو هو پر هن پوءِ به مان شاديءَ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ڇوته مڙس طرفان اڳوڻا تعلق ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو هو.