سنڌ يونيورسٽي انتظاميا طرفان وڌايل فيون نامنظور!‎‎
اسان جي ملڪ کان سواءِ دنيا جي ٻين سمورن ملڪن ۾ ڪي بنيادي ۽ اهم اصول ھوندا آهن جيڪي قدرتي آفتن جي اچڻ سان هيٺئين يا مڊل ڪلاس عوام کي مڪمل رليف ڏيڻ بابت هوندا آهن، ڇو ته اڪثر قدرتي آفتن جي اچڻ سان مڊل ڪلاس طبقي جو نقصان گهڻو ٿيندو آهي پر هتي ان جي ابتڙ آهي، هڪ ته قدرتي آفتون هيٺئين طبقي جا لاهه ڪڍي ڇڏيندي آهي ۽ باقي رهيل ڪسر اسان جا اقتداري ۽ سرمائيدار ڪڍندا آهن، مثال عالمي وبا ڪورونا آئي ته سڄي دنيا ۾ پيٽرول جون قيمتون ڪري پيون پر جڏهن اسان جي حڪمرانن صرف پيٽرول سستو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته سڃي ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ پيدا ڪئي وئي. 100 رپيا ملندڙ پيٽرول اعلان کان پوءِ 200 رپيا تي ملڻ ڏکيو ٿي پيو، ماسڪ جيڪو هن وبا کي روڪڻ ۾ اهم مڃيو ويندو آهي اهو اسان جي سرمائيدار بليڪ تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو، هي آهن اسان جا حال. سنڌ يونيورسٽي ۾ اڪثريت سنڌ جي مڊل ڪلاس طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن جي آهي، جيڪي معاشي تڪليفن باوجود علم جي اڃ اجهائين پيا، سو به هن عالمي وبا جي ڪري سندن  تعليم تي تمام ناڪاري اثر پيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سال لاڳيتو يونيورسٽي جي بند هجڻ باوجود جتي انتظاميا کي فيسون اڌ وٺڻ گهرجن ها اتي انتظاميا فيسن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، جيڪا مڪمل ناجائزي آهي. خبر نٿي پوي ته ڪهڙن خرچن جي ڪري يونيورسٽي جون فيون وڌايون ويون آهن، جڏهن ته اٽڪل ڏيڍ سال يونيورسٽي بند هئي جنهن ۾ بجلي جي کپت نه ٿيڻ، ٽرانسپورٽ جو بند هجڻ ۽ ٻيو الائي ڪيترو معمول جو خرچ نه ٿيڻ باوجود انتظاميا فيسن ۾ واڌ ڪري حيران ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري اسين وري به سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ۽ وزير تعليم کي درخواست ٿا ڪريون ته واڌو فيس جو اعلان واپس ورتو وڃي جيئن سنڌ جا نوجوان علم جهڙي نعمت کان محروم نه ٿين.
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد

بيروزگار نوجوانن سان ايڏا ڪلور آخر ڪيستائين؟‎‎
هي تصويرون نه ڪنهن دڪان تي وڪامجندڙ رديءَ جون آھن نه ڪنهن شھر مان خريداري ڪري موٽندڙ پوڙھي ماڻھوءَ جي سامان جي ڳٺڙيون آھن پر هي تصويرون انهن بيروزگار نوجوان جي پگھر مان ڪمايل پئسن سان فوٽو ڪاپيون ٿيل ڪاغذن جون آھن جيڪي ڪنهن اداري ۾ نوڪري لاءِ ان اميد سان ڪاغذ موڪليندا آھن ته من ميرٽ تي نوڪريون ملن ۽ سندن گهر جا چلها ٻري پون. تصويرون ته الائي ڪهڙي اداري جي آفيس جون آھن پر ڌرتيءَ جي انهن لکين بيروزگار نوجوانن جي ڀاڳ تي روئڻ ٿو اچي، جن فوٽو ڪاپين ۽ فائيلن تي وڏا وڏا خرچ ڪرڻ سان گڏ پوسٽ آفيس يا ته وري ڪوريئر سروس جون ڳريون چارجون ادا ڪري مختلف ادارن ڏانهن ڪاغذ اماڻيا. ٽڙيل پکڙيل ڪاغذن جون تصويرون ڏسي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته بيروزگار نوجوانن جي حسرتن جو جنازو ڪڍيو ويو آھي. هن ملڪ خاص ڪري سنڌ جي بيروزگار نوجوانن سان هر ڀيري نوڪري جي بهاني تي مذاق ڪئي ويندي آھي، کانئن اپلاءِ جي مد ۾ وڏا خرچ ڪرائي پوءِ سندن پئسا کائي ڪاغذ رديءَ حوالي ڪيا ويندا آھن يا وري اهي ڪاغذ ڪنهن ڪٻاڙيءَ جي دڪان تي نظر ايندا آھن. بيروزگار نوجوانن جي نظرن اڳيان جڏهن سندن اماڻيل ڪاغذ ھن حالت ۾ گذرندا آھن ته بيروزگار نوجوان مايوس ٿي ڪنهن اداري ۾ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ سندن روح کڄي ويندو آھي. وقت جي واڳ ڌڻين کان اهو سوال آھي ته جيڪڏهن  بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ناهن ڏيڻيون ۽ سندن ڪاغذ هن حالت ۾ اڇلائڻا آھن يا ڪٻاڙيءَ واري کي في ڪلو جي حساب سان وڪڻڻا آھن ته پوءِ بيروزگار نوجوانن کي ايڏا خرچ ڇو ٿا ڪرايو؟ ڇو ٿا کين ايڏو خوار ڪريو؟ جو بيروزگار نوجوان پنهنجا ڪاغذ اهڙي حالت ۾ ڏسي دل شڪسته ٿي ٿا پون ۽ پاڻ سان ٿيل ويڌن کي نصيب سمجهي اڳ جيان گهاڻي ۾ پيڙھجندا ٿا رهن، آخر ڪيستائين بيروزگار نوجوانن سان نوڪري جي بهاني ههڙا قهري ڪلور ٿيندا رهندا؟
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
بيوس اٺن، بار ڇڏيا!‎‎
واقعي يار بيوس اٺن بار چڏيا، جتي انصاف صرف نالي ماتر هجي اتي مست اٺ بيوس ٿي پوندا آھن، اهي حوصلو هاري چڏيندا آهن، بيوس ڪير به هجي، انسان هجي توڙي جانور هجي، دل برداشت ٿي واري جي دڙي اڳيا ڍير ٿي پوندي آھي، جتي ادارا آزاد نه هجن، جتي پوليس وقت جي حاڪمن جي حڪم جي تڪميل ڪري، جتي سرڪاري نوڪري هڪ خواب بڻجي وڃي، جتي چالاڪ پنهنجي چالاڪيءَ سان سادي ماڻهوءَ کي مٿي تي هٿ ڦيرائي وڃي، جتي انصاف وٺڻ لاءِ ڪنهن پئسي واري در اڳيان جتيون گسائي ان هنڌ تي بيوس ۽ لاچار جا حوصلا خطا ٿي ويندا آھن، بيوسيءَ مان هميشه لاءِ هارائي ويندو آهي.
ابراهيم لنڊ /ڪلوئي
سنڌ حڪومت 40 لک افغاني واپس موٽائي!
اسان سنڌين کي سياڻپ ۽ هوشياريءَ جو سبق ان وقت سکڻ گهرجي ها جڏهن ڌاريا پنجاب رستي سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا ۽ خيمان کوڙي اچي ويهي رهيا هئا ۽ اسين انهن جي ظاهري زبان تي پي هلياسين پر هنن پنهنجي سرسيءَ واري زندگي کي سرس بڻائڻ واري راهه کي ورتو ۽ انهن آخرڪار ڪاميابي ماڻي ۽ هيئنر اسان سنڌين کي چون پيا اهي جاهل آهن، ڀلا انهن کي اهي لفظ زبان مان ڪڍڻ جي طاقت ڪنهن ڏني آهي؟ انهن سنڌين ته اها هڪ غلطي سنڌين کان ٿي پر جي روز روز اهڙيون غلطيون ٿينديون ته هن چمن جو ڇا ٿيندو؟ هي سمورو چمن اجڙي ويندو، ڌاريا اهم عهدن مقرر ٿي ويندا اسان جا حق ڦٻائيندا رهندا، ادارن جا سربراهه، چيئرپرسن، چئيرمين ٿي ويندا ۽ اسين سندن غلامي واري زندگي پيا گذارينداسين ۽ اهو ذهني خيال اسان لاءِ اعذاب بڻجندو پيو وڃي ته ڌاريا سنڌ ۾آباد ڪيا پيا وڃن ۽ سنڌ حڪومت ذري برابر به ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪوشش نٿي ڪري، بس ڪجهه هي ويچارو عوام ۽ قومپريست اڳواڻ پيا واويلا ڪن پر هنن وٽ نه حڪومت آهي نه وري پئسو جو ڌارين جي نيڪاليءَ لاءِ وڏا وڪيل ڪن، سپريم ڪورٽ جلد ايڪشن کڻي، ڪجهه وقت اڳ سپريم ڪورٽ افغانين جي نيڪالي لاءِ اعلان ڪيو هو پر سنڌ حڪومت جي ٻٽين پاليسين ۽ ڪيس جي پوءِ واري نه ٿيڻ ڪري کين ڏيهه نه اماڻيو ويو. سمورن سنڌ واسين کي عرض آهي ته افغانين جي نيڪالي لاءِ احتجاج ڪيو ۽ گڏوگڏ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪريون ٿا ته سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ کان بچايو وڃي ۽ افغانين جي ڏيهه واپسي يقيني بڻائي وڃي.
محرم علي شر/هنڱورنو
پرائمري اسڪول صاحب ڏنو پسيو کي عمارت ڏيو!
سجاول شھر ويجھو 10 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي قائم پرائمري اسڪول صاحب ڏنو پسيو جي عمارت خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، اسڪول جي ڇت مان ڇاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ڪيترائي شاگرد زخمي به ٿيا آهن، خوف وچان ٻار قهر جي گرميءَ ۾ کلئي آسمان ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، جاتي روڊ تي قائم  پرائمري اسڪول صاحب ڏنو پسيو جي عمارت زبون ٿي وئي آهي،  ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا آهن، استادن وڌيڪ جاني نقصان کان بچڻ لاءِ 50 کان مٿي ٻارن کي آسمان ۾ تعليم ڏيڻ تي مجبور آهن. اسڪول جي هيڊماستر محمد حسين معراج موجب اسڪول جي عمارت جي حالت تمام خطرناڪ آهي، اسڪول ۾ پڙھائي دوران اسڪول جي ڇت مان ڪرندڙ چاپڙن جي ڪري وقتن فوقتن ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا آھن، ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر ۽ وس وارن کي درخواستون به ڏنيون آھن پر هن وقت تائين ڪنهن به معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو، ڳوٺاڻن چيو ته اسان جا معصوم ٻار کلئي آسمان ۾ پڙھي رهيا آھن، اسان ڪيترا دفعا شڪايتون ڪيون آھن پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. اسين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريو ته اسان جي اسڪول کي عمارت ڏئي مستقبل جي معمارن جي تعليم کي بچايو وڃي.
وفابابو پٺاڻ/ سجاول
هڪ چٺي تعليم کاتي جي آفيسرن ڏانهن!
ڪلوئي ويجهو ڳوٺ کاڙڪ ۾ پرائمري تعليم پرائڻ شاگردن لاءِ چئلينج بڻجي ويو، هڪ نياڻين جي پرائمري اسڪول سميت ٽوٽل ٽن پرائمري اسڪولن مان صرف هڪ پرائمري اسڪول مصري مل پاڙو هلندڙ آهي، جنهن ۾ پڻ فرنيچر جو مسئلو ٻن سالن کان حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب سوين شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائين ٿا، ڪجهه وقت ڪورونا سبب تعليمي ادارا بند هئا، اهو وقت ڇڏي باقي ٻن سالن کان لاڳيتو تعليمي عملدارن کي اسان اسڪول ۾ فرنيچر ڏيڻ لاءِ چوندا رهيا آهيون ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر، پرائمري توڙي ضلعي ايجوڪيشن آفيسر پرائمري به ڪيترائي ڀيرا اسڪول وزٽ ڪري ويا آهن پر 2 سال جو عرصو گذرڻ باوجود اڃا تائين اسان جي اسڪولن کي فرنيچر نه ملي سگهيو آهي، جنهن سبب اسڪولي شاگرد سالن کان پٽ تي ويهي تعليم پرائين ٿا، جڏهن ته شاگردن جو انگ وڌيڪ هجڻ ڪري اڪثر والدين شاگردن کي ٻين اسڪولن ڏانهن ڪڍرائي ويا آهن ۽ گھڻا غريب پورهيتن جا ٻار چوپايو مال چارڻ ۽ راند روند ۾ وقت وڃائڻ لڳا آهن، ڳوٺ کاڙڪ جو ٻيو مين پرائمري اسڪول ٽن سالن کان استاد جي مقرري باوجود بند پيل آهي، جتي هڪ استاد جي بائيوميٽرڪ هجڻ باوجود استاد اسڪول ۾ نٿو اچي، جنهن سبب مين اسڪول ٽن سالن کان بند پيل آهي، جڏهن ته نياڻين جو پرائمري اسڪول جيڪو ڪچي جڳھ جو ٺهيل هو، 2011ع واري مهاٻوڏ ۾ ڪرڻ سبب اڃا تائين نياڻين جي تعليم بند پيل آهي، جنهن سبب ڳوٺ جون سوين نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن. اسان هن خط وسيلي تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ جو بند پيل اسڪول کولرائڻ سميت استاد مقرر ڪري فرنيچر ڏنو وڃي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎
سنڌ جو زرعي نظام!
ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته سونهاري سنڌ جون زمينون تمام گھڻيون ذرخيز آھن، سنڌ جون زمينون قدرتي وسيلن سان به مالامال آھن پر انھن زمين کي هٿ سان بنجر بڻايو ويو آھي، سڄي سنڌ سميت خاص ڪري لاڙ ۾ پاڻي جي سخت ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري فصل کي نقصان پھچايو پيو وڃي، ھينئر لاڙ ۾ زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب اڃا سارين جو ٻج نه پوکيو ويو آھي، اصل ۾ ٻج پوکڻ جو وقت 5 مھينو آھي، مئي ۾ سارين جو ٻج پوکبو آھي. پاڻي جي کوٽ سبب ٻج پوکڻ جو وقت گذري ويو ھاڻي ٻج پوکبو ته نقصان ڏيندو، ھاڻ چند مھينن کان پوءِ اھو فصل وڏو ٿيندو، جڏھن نسرندو ته برساتن جو پاڻي گڏ ٿيندو، سم نالن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري اھو پاڻي فصل کي نقصان پھچائيندو آھي. سنڌ جو آبپاشي کاتو تَر جي آبادگارن جي ڪا واھر نٿو ڪري، ٻي ڳالھ ته ھينئر سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سارين پوکڻ تي پابندي لڳائي وئي آھي، ان کان پوءِ به لاڙ جي زمينن لاءِ پاڻي نٿو ڏنو وڃي سا ڳالهه سمجھه کان ٻاهر آهي، لاڙ ۾ فصلن لاءِ ته پاڻيءَ جو ڏڪر آھي پر ھاڻ ٿر جيان ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناھي، جر جو پاڻي سمنڊ مسلسل وڌڻ ڪري کارو ۽ ڪسارو ٿي چڪو آھي، اسان اھو پيغام ڏيون ٿا سنڌ جي آپاشي کاتي ۽ سنڌ جي زرعي وزير محترم اسمائيل راھو صاحب کي ته  لاڙ جي ماڻھن جي واھر ڪريو، لاڙ کي پاڻي ڏيو جيئن اڃايل مارن جي چپن تي مرڪ موٽي اچي.
سجاد يوسف پنھور/کورواهه
ڪتاب اسان لاءِ آڪسيجن آهن!
ڪتاب اسان لاءِ آڪسيجن کان به وڌيڪ ضروري آهن ڇو جو آڪسيجن سان اسان زندھ رهي سگهون ٿا پر ڪتاب کان سواءِ اسان پنهنجي سڃاڻپ وساري سگهون ٿا. ڪتاب تاحيات اسان کي جيئرو رکندي، اسان جي سڃاڻپ برقرار رکندي ۽ اسان جي شهر چوهڙ جمالي ۾ لائبريري نه هجڻ ڪري اسان جو هي حال آهي جو اسان ڏينهون ڏينهن پٺتي ڌڪجندا پيا وڃو ۽ نالو تر وٺندو پيو وڃي. ٻيا شهر سٺي طرح تعليم ۾ ترقي ماڻي رهيا آهن ۽ اسان اتي جو اتي آهيون، اسان کي لائبريري جي سخت ضرورت آهي، اسان جو حق آهي اسان لاءِ آڪسيجن آهي، مهرباني ڪري اسان کي آڪسيجن مهيا ڪئي وڃي نه ته اها غلامي واري زندگي اسان کان نه گذاربي. اسان جي شهر جي معزز شخصيتن کي منهنجو ننڍڙو عرض آهي ته اسان کي آڪسيجن مهيا ڪئي وڃي ته جيئن اسان سک جو ساھ کڻي سگهون، ڀٽائي سرڪار چوي ٿو ته:
پتنگ ٿو سمجهين پاڻ کي ته اچين آگ اجهاءِ،
پچڻ گهڻا پچائيا تون پچڻ کي پچاءِ،
واقف ٿي وساهه پر آگ نه ڏجي عام کي.
ڀٽائي سرڪار چوي ٿو ته پتنگ ٿو سمجهين پاڻ کي ته اچي باهه کي وساءِ، باهه گهڻن کي ساڙيو تون باھ کي ساڙ، هاڻي باھ کي تڏهن ساڙيون جڏهن ايترو علم هجي، لائبريري جي سهولت ناهي باقي ڇا ڪجي؟ اسان ڪنهن ٻئي شهر جي اڻ پڙهيل سان به اک اک ۾ ملائي ڳالهائڻ جي قابل ناهيون، ڇو جو اسان کي علم ناهي، پوءِ اهڙي زندگي گذارڻ مان ڪهڙو فائدو؟ منهنجو ننڍڙو عرض آهي ته لائبريري اسان جي شهر کي مهيا ڪئي وڃي ته جيئن اسان پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي سگهون.
يوسف غفور کٽي/ چوهڙ جمالي
آزادي پل جي به چڱي آ!
ھيءَ چوڻي توھان يقينن ٻڌي ھوندي ته غلامي جي سئو ڏينهن جي زندگيءَ کان آزديءَ جي ھڪڙي ڏينهن واري خوشي بھتر آهي، جيڪڏهن توهان کي آزاديءَ جي لذت معلوم ڪرڻي ھجي ته ڪجھ دير لفظ غلاميءَ کي ذھن تان ڊاهي ڇڏيو، فقط آزاديءَ بابت سوچيو، توھان جو ذھن ائين ٽڙي پوندو جيئن نئون لڳل ٻوٽو صبح وقت ٽڙي پوندو آهي. توھان کي آزادي حاصل ڪرڻي ھجي ته واندڪائي وقت دنياوي خفن جي سوچن کي ھڪ پاسي رکي پنهنجي وجود تي غور ڪريو ته توھان ۾ ڪھڙيون صلاحيتون سمايل آهن، ته توھان پنهنجي صلاحيتن بابت ڄاڻي مھڪي پوندئو. صلاحيتن جي ڄاڻ جو نالو آزادي آهي، پنھنجو پاڻ کي پرکڻ کان ٻي وڌيڪ آزادي ناھي هوندي. رات جو اڪيلائي ۾ گيت ٻڌڻ کان وڌ ٻي آزادي ناھي، تارن کي تڪڻ، چنڊ کي غور سان گُھورڻ ۽ وري نويڪلائيءَ ۾ مسڪرائڻ کان وڌيڪ ٻي آزدي ڪونھي، موت کان خوف نه کائڻ به آزديءَ جو نالو آهي، ڪنھن ھيئن به لکيو آهي ته منھنجي گھر کي چور کاٽ ھڻي به ويو آهي ته ڇا اڃا به منھنجي گھر جي ول تي ماڪ ڦڙا چمڪن ٿا. ڳولا به آزدي آهي، فقط جيئڻ ۽ وري مرڻ آزادي ناھي، جيئن شيخ اياز چيو آهي ته:
ڪير چو ٿو توکي ڳوليندي منھنجي عمر اجائي وئي،
 ڳولا خود به ته آزادي آ، ساري عمر سجائي وئي.اياز
مظھر علي/ڀٽ ڀائٽي 
قومپرست جماعتن کي ھڪ عرض!‎‎
اڄ سنڌ ڌرتي سان جيڪو وفاق ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رھيو آهي ۽ پيپلزپارٽي جيڪا پنھنجي اقتدار خاطر سنڌ ماتا جي ڌرتي نيلام ڪري ڌارين کي آڻي سنڌن کي اقليتن ۾ تبديل ڪري رھي آھي سو ته سور گھٽ ناھي پر اسان جي سنڌ جون قومپرست پارٽيون به پاڻ ڌڙا ڌڙا ٿي ويون آھن ته اھي ڇا پيپلزپارٽي جي متبادل ٿي ڪو انقلاب آڻي سگھنديون؟ منھنجي سنڌ جي قومپرست پارٽين کي نه فقط منھنجي پر سنڌ جي ھر باشعور فرد جي اپيل آهي ته سڀ جماعتون ڌڙا يا پارٽيون پنھنجي شخصي انائن کي ڇڏي ھڪ متحد قوم جيان ھڪ پارٽي يا الائينس ٺاھن ته جيئن سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ مارن جا اهنج دور ٿي سگھن.
سرمد ابڙو\ڳوٺ ملان ابڙا، لاڙڪاڻو
دنيا جي عظيم ھستي جيجل ماءُ کي ڀيٽا!‎‎
سڀني رشتن مان اعليٰ رشتو ماءُ جو آهي، ڪيترا به گھرا رشتا ڇو نه ھجن پر جيترو ڏک، تڪليف، پريشاني، درد ۽ سور ماءٌ کي ٿيندو آهي اوترو ڪنهن ٻئي کي ڪو نه ٿيندو آھي، نصيب وارا آهن جن وٽ ماءُ جو پيار آهي، ممتا آهي، محبت آهي، ماءُ جي پيرن ۾ جنت آهي، جيڪڏهن گھر ۾ ماءُ زندھ آهي ته عبادت جي لاءِ ڪٿي به ناهي وڃڻو، ماءُ جي عبادت سڀني کان اعليٰ ۽ اتم آهي، ڪيترو به نافرمان پٽ ھجي پر ماءُ ھميشه ان جي سلامتي لاءِ رب سائين کان دعا گھرندي آهي ته منهنجو پٽ ھميشه خوش ھجي ۽ دنيا ۾ اھا ڪاميابي ماڻي جنهن جي ھن کي تمنا آهي، اھي نافرمان آهن جيڪي پنهنجي امڙ جي دل رنجائين ٿا، انهن جي جذبن کي ڌڪ پھچائين ٿا، ماءُ پنهنجي اولاد کي 9 مھينا پنهنجي پيٽ ۾ رکي جنم ڏيندي آهي، ان کان پوءِ ان جي سنڀال ڪندي آهي، پنهنجي آڱر پڪري ھلڻ سيکاريندي آهي، پنهنجي ٻولي سيکاريندي آهي، انسان جي پھرين استاد پنهنجي ماءُ ھوندي آهي، جيڪا ھن کي ٻولڻ، چالڻ، اٿڻ، ويھن، سٺو، خراب سڀ خوبيون سيکاريندي آهي، ماءُ جي عظمت کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظن جي کوٽ آهي، اھڙي ڪا به ڊڪشنري دنيا ۾ اڄ تائين ناهي آئي جنهن مان ماءُ جي عظمت کي بيان ڪجي، پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي،  اولاد پنهنجي والدين جو سھارو هوندو آهي، تنهن ڪري پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڪڏهن به دل آزاري نه ڪريو، ماءُ پيءُ ڪڏهن به پنهنجي اولاد کي غلط نصيحت ناهن ڪندا، انهن جي دل شيشي جھڙي ھوندي آهي، پنهنجي والدين جي ھر حال ۾ خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
پرمانند پرمار/ امرھار
ڪنهن جي مجبوريءَ جو ڪڏهن فائدو نه وٺو!
ايران جي مشھور ڳالھ آھي ته سياري جي موسم ۾ برف گهڻي پوڻ جي ڪري بگهڙن کي شڪار نه ملندو هو، شڪار جي کوٽ محسوس ٿيندي بگهڙ برف مٿان ھڪ گول دائري ۾ ويهي هڪ ٻئي کي گهوري ڏسندا ھئا ته ڪير ٿو بک جي ڪري بيهوش ٿئي ۽ پوءِ جيئن ئي ڪو بگهڙ بک سبب بيهوش ٿي ڪرندو هو ته سڀ بگهڙ گڏجي ان کي کائي پيٽ ڀريندا هئا، ان عمل کي فارسيءَ ۾ “گُرگ آشتي” چوندا آھن، ان عمل کي گهرائي سان ڏسجي يا سوچ ڪجي ته اهو لاڙو اڄ ڪلهه بگهڙن سان گڏوگڏ انسانن ۾ به ڏٺو وڃي ٿو، اسان سڀ انسان انهن بگهڙن جيان ٿي ويا آهيون جو جيڪو انسان ڪمزور ڏسڻ ۾ اچي ٿو يا مجبور ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اسان ان جي مجبوري جو فائدو وٺي ان مٿان پنهنجو رعب ڄمائيندا آھيون، جيڪو جيترو حالتن جو ستايل هوندو آھي ان کي اوترو ئي وڌيڪ پريشان ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪندا آھيون، اسان ڪمزورن جو سهارو ٿيڻ بجاءِ ابتو وڌيڪ ان کي پريشان ڪندا آھيون، ايترو ئي نه پر سندس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا آھيون. اچو ته گڏجي ڪنهن جي مدد ڪريون، جيڪر مدد نه ڪري سگهون ته صرف ڪنهن جي مجبوري جو فائدو نه وٺون نه ته اهو عمل گُرگ آشتي اسان ۾ به اچي ويندو.
ثقلين حيدر/ رتوديرو
اورنگي ٽائون کي ڪچري کان پاڪ ڪريو!
پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ هميشه ڪو نه ڪو مسئلو عوام تي مڙهيل هوندو آهي، ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر هجڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جو شڪار پڻ آهي، ڪراچيءَ جو ڪچرو پڻ هن وڏي شهر لاءِ عذاب بڻلي آهي، ڪراچيءَ شهر جي هر ضلعو ۽ پاڙو ڪچري جي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيئن شهر جي ٻين ضلعن ۾ هي ڪچرو هڪ مسئلو آهي اهڙيءَ ريت ضلعي اولهه جو علائقو اورنگي ٽائون پڻ ڪچري جھڙي موذي مرض جو شڪار آهي. گھٽي گھٽيءَ ۾ ڪچري جا ڍير لڳل آهن ۽ ڪير به پڇڻ وارو ناهي، هن ڪچري جي ڪري طرح طرح جون بيماريون پڻ پيدا ٿي رهيون آهن، سنڌ حڪومت جا ادارا ڪٿي ستل آهن، جن کي چئو اهو چوندو ته ايم پي اي صاحب به ڪو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي ته اسان ڇا ڪريون. هونئن ته سنڌ حڪومت وڏن ڪمن جون دعوائون ڪندي آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي، خدارا اورنگي ٽائون جي رهواسين تي رحم ڪريو ۽ ڪچري کڻائڻ جو ڪو بندوسبت ڪريو. اورنگي ٽائون واسي سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلديات جي وزير کان اپيل ٿا ڪريون ته جلد اورنگي ٽائون کي ڪچري مان نجات ڏياري وڃي ۽ ڪم نه ڪندڙ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
شاهمير راجپوت/اورنگي ٽائون، ڪراچي