جدي کان ڪراچي پهچندڙ 17 مسافرن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر

0
363
پاڪستان ۾ ڪورونا

ڪراچي: جده مان ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچڻ وارا 17 مسافرن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو آهي. مسافرن کي سنڌ سرڪار جي لياقت آباد قرنطينه مرڪز ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. مسافرن جي ڪراچي ايئر پورٽ تي ريپڊ انٽيجن ٽيسٽ ڪئي وئي، جن جا نتيجا مثبت آيا. مسافر سعودي ايئر جي اڏام ايس وي 708 تي جده کان ڪراچي پهتا هئا. سمورا مسافر سعودي عرب مان ڊي پورٽ ٿي آيا هئا. سعودي ايئر جي اڏام کان مجموعي طور تي 244 مسافر ڪراچي پهچي چڪا آهن.