پاڪستان ۾ جولاءِ ۾ ڪورونا جي چوٿين لھر جو خدشو

0
292
اين سي او سي ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي پرڏيهه ويندڙ شهرين کي فائزر ويڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪورونا وئڪسين جي حوالي سان نيون گائيڊ لائينز جاري، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جتي چييني وئڪسين کي نٿو مڃيو وڃي، اُنهن ملڪن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي فائيزر وئڪسين لڳائي ويندي، ملڪ اندر جولاءِ مهيني ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر اچي سگهي ٿي، مضبوط وئڪسينيشن پروگرام جاري نه رهڻ جي صورت ۾ ڪورونا جي لهر وڌي ويندي، شهري ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪن ۽ جيترو جلد ٿي سگهي، ويڪسين لڳرائين، جدي کان ڪراچي پهتل 17 مسافرن کي ڪورونا هجڻ جي تصديق، متاثر مسافرن کي سعودي عرب مان ڊيپورٽ ڪيو ويو هو.