يارھين ٻارھين جي پيپر ڏيندي مھتاب ميربحر جو موت!‎‎

 

24 مئي تي يارھين ڪلاس جو شاگرد گورنمينٽ ٺيڙهي ڪاليج جي امتحاني سينٽر ۾ گرمي جي سَٽ نه سَهي سگھيو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. سرڪاري ڪاليجن ۾ ھڪ ته بجليءَ جو نظام بھتر نه آھي پر بلڪل ئي خراب آهي، ٻيو ته لوڊ شيڊنگ جو آزار اسان جي ملڪ جي قسمت بڻجي چڪو آھي. ٽيون ايڏي سخت گرمي ۾ امتحاني سينٽرن ۾ ٿڌي پاڻي جو انتظام ھجڻ ضروري آھي اسان جي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ نلڪو به قسمتي لڳل هوندو آهي جنهن جو هلڻ به قسم تي ڀاڙيندو آهي، ڪلاسن ۾ 30 شاگرد ويھارڻ گھرجن پر ھتي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ھڪ بلاڪ ۾ لڳ ڀڳ 50 کان مٿي ٻار ڪلاسن ۾ ويھاريا ويندا آهن. جيڪو سکر بورڊ ۽ امتحان وٺڻ وارن سينٽر وارن جي شاگردن سان ناانصافي آهي. ڪاليجن ۾ سولر نظام ھجڻ گھرجي، سرڪار ھر اسڪول ڪاليج ۾ سولر جو پليٽس ۽ پکا لڳائي ان لوڊشيڊنگ جي آزا مان هميشه جي لاءِ جان ڇڏائي سگھي ٿي. ھن وقت گرمي جو اوچتو وڌي وڃڻ ۽ گھٽ ٿيڻ ڪري آب ھوا ۾ تبديلي آئي آھي. امتحان ۾ شاگردن کي شربت يا ٽينگ جو انتظام سڀ امتحاني بورڊس ڪن ۽ اسڪول ۽ ڪاليجن جي پرنسيپلس کي پابند ڪن ته اُھي شاگردن کي ٿڌو پاڻي ۽ شربت مھيا ڪن. يارھين ڪلاس جو شاگرد مھتاب گرمي جي دم ٻوساٽ جڻ جي ڪري وفات ڪري ويو. جنھن جو جيترو به افسوس ڪجي تمام گھٽ آھي، سندس وارثن کي رب پاڪ صبر ڪرڻ جي توفيق فرمائي. اھڙي شديد گرمي م امتحاني بورڊس ۽ حڪومت شاگردن کي امتحاني سينٽرن تي سھولتو ڏئي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

انساني سوچ جو سفر!

 

(حصو پهريون)

انسان جي ھر عمل پٺيان سندس سوچن جو وڏو عمل دخل ھوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سوچ ھڪ اھڙي طاقت آهي جيڪا پنهنجي زندگي ۾ وڏي اٿل پٿل آڻي سگهي ٿي. انسان جي خوابن، خواهشن ۽ اميدن جو سمورو دارومدار سندس “سوچ جي سفر” تي ئي ھوندو آهي، جڏهن ڪو شخص ڪو به قدم کڻندو آهي، ڪنهن ڪم جي شروعات ڪندو آهي ته ان قدم جو بنيادي رخ اھو خيال ۽ اھا سوچ ھوندي آهي جيڪا کيس ان قدم کڻڻ لاءِ ھر ھر پئي ھمٿائيندي آهي. پاڻ تاريخ جي تَھن ۾ کڻي ليئو پائي ڏسون يا وري ھن دور جي جديد کان جديد ايجادن تي ويھي ويچار ڪريون، پاڻ کي وري به وڏين وڏين تحريڪن، ملڪن جي ٺھڻ ۽ رياستن جي آزاد ٿيڻ کان وٺي دنيا جي کوڙ ڏتڙيل قومن جي سڌرڻ جي پيڙھ جو پٿر اھو ئي سندن “سوچ جو سفر” ئي نظر ايندو جيڪو کين پنهنجي منزل تائين پھچائي ٿو. ڪنهن به ڪم ڪرڻ لاءِ اھي ته سڀ پوءِ جون ڳالهيون آهن ته فلاڻو ڪم ضرور ڪجي پر وسيلا ئي ڪونهن وغيره پر پھرين ته پنهنجي خيالن ۾ ان عمل جو جيڪو خاڪو جڙندو آھي، گھڻي ڀاڱي ته اھو خيالي خاڪو يعني ان قدم کڻڻ واري سوچ مان ئي اندازو ٿي ويندو آهي ته ھي شخص جيڪا ڳالهه ڪري پيو عملي طور ھو ان سوچ سان ڪيترو نڀاءُ ڪري سگھندو؟ نفسياتي لحاظ کان ڪجهه اھڙا ڏاڪا (stages) ھوندا آهن جن تي ھي انسان جي سوچ جو سفر انحصار رکي ٿو. پھريون اھو آهي ته ڪنهن به ڪم ڪرڻ لاءِ ٻه شيون انتھائي ضروري ھونديون آهن، جن کان بغير ان عمل جو ٿيڻ اڪثر ناممڪن ھوندو آهي، ھڪڙو آهي دلچسپي ۽ ٻيو آهي وسيع سوچ يعني، اڻ کٽ سوچن جو سلسلو. جڏهن ڪو شخص انهن ٻن ڳالھين کي نظر ۾ رکندي قدم کڻي ٿو ته سندس ڪاميابي ڪنهن حد تائين ممڪن بڻجيو وڃي. دلچسپي اھو جنون ۽ ولولو آهي، اھا اڻ ڏٺي طاقت آهي، جيڪا ماڻهو جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو پلڙو پڻ بدلائي سگهي ٿي، دراصل ڪنهن به سوچ کي عملي جامو پھرائڻ پٺيان اھا دلچسپي ئي ھوندي آهي جيڪا ڪنهن ڪم ۾ انسان کي کوڙ ڀيرا ناڪام ٿيڻ باوجود وري به ساڳئي ئي ڪم ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ھمٿ برقرار رکڻ ۾ ڀرجھلو بڻجندي آهي. دنيا ۾ کوڙ سارا اھڙا مثال موجود آهن.(ھلندڙ)

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

جوھي جي آبادگارن جا جائز مسئلا حل ڪيو!‎‎

 

جوھي تعلقو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، تيل گئس جوهي مان نڪري رهيو آهي جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته جن جي علائقي مان تيل ۽ گئس نڪري رهيو آهي اهي مڙني بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، جوهي برانچ جو زرعي پاڻي جوهي تعلقي ڏانهن پڇڙي تائين پهچائيندڙ ڪاري موري پل جي بحاليءَ جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آھي، آبادگار اڳواڻن ميهر گاڏھي، استاد محمد امين وگهيو، محمد هاشم کوسو، قربان کوکر، وقار مستوئي ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ آھي ته آپباشي کاتي جا ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا بحالي لاءِ ڪي به اپاءَ نه پيا وٺن، هنن مطالبو ڪيو ته ايمرجنسي بنيادن تي ڪاري موري پل جي بحاليءَ جي ڪم شروع ڪري جوهي واسين کي زرعي پاڻي ڏئي انهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو