شھدادڪوٽ (سٽي رپورٽر ) شهدادڪوٽ پوليس شاگرد کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مسڻ محلا مان 2 ڏينھن اڳ ٽئين ڪلاس جي شاگرد محمد عمر گولو اغوا ٿي ويو هو جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو پوليس تي ايس ايچ او  جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪري  شاگرد کي بازياب ڪرائي ورتو پر جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد جي اغوا ۾ ملوث جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.