لائيو اسٽاڪ کاتي پاران نظرانداز ڪيل گهوٽڪي تعلقو

 

سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن ۾ جيترو انسانن کي نقصان پهتو ايترو ئي بي زبان جانورن کي پڻ نقصان پهتو. برساتن کانپوءِ جانورن ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿيون جن ۾ ڪيترائي جانور اجل جو شڪار ٿيا. ان کانپوءِ هن وقت وڏو مسئلو جانورن جو چارو آ جيڪو برساتن سبب ختم ٿئي ويو يا خراب ٿي ويو. سنڌ سرڪار جي لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مسڪين عوام کي ٻڪريون، ڪڪڙيون ۽ چارو مفت عوام تائين پهچائڻ لاءِ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو جنهن جا ڪروڙين رپيا رليز ڪيا ويا آهن. پر افسوس جو لائيو اسٽاڪ کاتي پاران فقط ڏهرڪي تعلقي ۾ عوام کي ٻڪريون، ڪڪڙيون ۽ چارو ڏنو پيو وڃي. جڏهن تہ گهوٽڪي ضلعي جي ٻين سمورن تعلقن کي هن پروجيڪٽ ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ڇا اهو پروجيڪٽ فقط هڪ تعلقي لاءِ  آهي ڇا برسات ۾ نقصان فقط ان تعلقي جو ٿيو آھي، يا اهو تعلقو لائيو اسٽاڪ کاتي جي منسٽر جو آھي ان ڪري ئي اھو رويو اختيار ڪيو ويو آهي.اسان گهوٽڪي ۽ خانڳڙھ تعلقي مان چونڊيل ايم اين اي کي گذارش ٿا ڪريون تہ سنڌ حڪومت کان اهو پروجيڪٽ ٻين تعلقن ۾ بہ شروع ڪرايو وڃي ۽ مفت چارو بنا دير مهيا ڪيو وڃي.

 

ذاڪر حسين مهر گهوٽڪي

نوجوانن کي صلاح ته تعليم سان گڏ هنر ضرور سکو

 

چوندا آهن ته هنر بادشاه آهي ۽ هنرمند انسان ڪڏهن به ڪٿي به بک نه مرندو. ان چوڻي تي چائنه وارن سميت ٻين سڌريل ملڪن عمل ڪيو آهي ۽ تعليم سان گڏ هنر هجڻ وارن ملڪن جي ماڻھن جي جتي ڪٿي ضرورت آهي ۽ اهي ڄڻ ته بادشاه لڳا پيا آھن پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ تعليم سان گڏ هنر سکڻ ڏانهن بلڪل ڌيان ناهي. نوجوان هنر کي ڇڏي رڳو سڌي سنئين تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ جڏهن اڳتي ڪنهن اداري ۾ نوڪرين لاءِ اپلائي ڪن ٿا ته اتي ته تعليم سان گڏ ڪونه ڪو هنر جيئن ڪمپيوٽر، شارٽ هينڊ، ٽائيپنگ وغيره به گهريو ٿو وڃي ۽ اهي هنر نه هجڻ ڪري کين نوڪريون به نه ٿيون ملن ۽ هنر نه هجڻ سبب اهي پنهنجو ڪو ڪاروبار به نه ٿا ڪري سگهن ۽ پوءِ هر جاءِ تي قسمت آزمائڻ ۽ ناڪام ٿيڻ ڪري ڪي ته ويچارا خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ٿا پون ۽ ڪي وري وڏيرن، ڀوتارن، سردارن اڳيان نوڪر ٿي ڪم ڪن ٿا. ڪمپيوٽر، ٽائپنگ، شارٽ هينڊ کانسواءِ ٻيا به هنر آهن جن ۾ اليڪٽريشن، ريفريجريشن، آٽو مڪينڪ، سول انجنيئرنگ وغيره شامل آهن. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن مون وٽ منهنجو هڪ دوست سائين عبدالرحمان خاصخيلي جيڪو گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر نوشهروفيروز جو پرنسپال آهي ۽ هڪ وڏو محنتي هڏڏوکي انسان آهي ۽ سگا شاخ درياخان مري جو صدر پڻ آهي اهو آيو هو ۽ ان موضوع تي ساڻس ڳالھ ٻولھ به ٿي. ان ٻڌايو ته ان اداري جنهن ۾ هو پاڻ پرنسپال آهي ان ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر, جنرل اليڪٽريشن, ريفريجريشن اينڊ ايئرڪنڊشن, آٽو مڪينڪ ۽ مشينسٽ ۾ هڪ سال جو ڪورس ڪرايو پيو وڃي. ان لاءِ مان چاهيان ٿو ته اسان جا ميٽرڪ ۽ مڊل پاس شاگرد داخلائون وٺن ۽ اسان جي اداري ۾ مقرر ماهر استادن جي زيرنگراني اهي هنر سکي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃن يا وري پنهنجو دڪان، پنهنجو ڪاروبار کولي ترقي ڪن. پاڻ مون کي داخلائن واسطي ڇپرايل هينڊ بل پرچا به ڏنائين ۽ تاڪيد ڪيائين ته اهي پرچا نوجوان تائين پهچايان ته جيئن اهي داخلا فارم جي آخري تاريخ 26 ڊسمبر کان اڳ پهچي مختلف هنرن واري شعبن ۾ داخلائون وٺن ته جيئن ڪلاسن جو جنوري 2023 تي آغاز ڪيون. سائين عبدالرحمان خاصخيلي جي ڳالھ مون کي تمام گهڻي وڻي ۽ مون سوچيو ته واقعي به اگر اسان جا نوجوان تعليم سان گڏ اگر اهي هنر به سکي وڃن ته اڳتي سندن زندگي ڪيتري نه سڦل ۽ آسان ٿي پوندي ۽ اگر ڪو هنرمند پڙهيل لکيل نوجوان ٻاهرين ملڪ وڃي ڪمائڻ چاهي ته به ڪمائي ترقي جون منزلون آساني سان طئي ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ اسان جي اڳيان خاص طور چين ملڪ جي ماڻھن جو هڪ وڏو مثال موجود آهي ته انهن وٽ هر تعليم يافته نوجوان کي سندس ذهن ۽ خواهش مطابق ڪونه ڪو هنر ضرور

سيکاريو ويندو آهي ۽ ان هنر جي ڪري اڄ چين جي ماڻھن جو دنيا جي هر ملڪ جي مارڪيٽن، آفيسن اندر وڏو ڌاڪو آهي. هر پنج روپين جي ڪنهن شئي کان وٺي ڪري لکين روپين واريون شيون ميڊ ان چائنا آهن ۽ چين هڪ سپرپاور ملڪ طور سڄي دنيا جي ملڪن جي اڳواڻي ڪري ٿو پيو. ان لاءِ اسان جي تعليم يافته نوجوانن خاص طور سنڌ جي نوجوانن کي هنر ضرور سکڻ گهرجي. ڇوته ٻين صوبن خاص طور پنجاب جا رهاڪو گهڻي ڀاڱي ان تي عمل ڪندي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃي ڪمائين پيا ۽ ٻاهريون ناڻو ملڪ ڏانهن موڪلين پيا پر اسان سنڌ واسي ان ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون. ان ڪري سنڌ واسين کي گهرجي ته تعليم سان گڏ هنر ضرور سکن ۽ ان هنر سکڻ لاءِ ملڪ جي اندر ڪيترائي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر موجود آهن، انهن ۾ داخلائون وٺي هنرمند ٿي ترقي ڪن ۽ هتان جي ڀوتارن سردارن وڏيرن جي غلامي مان به نڪري وڃن.

 

محمد خالد ميمڻ/ڦل

ايس ايس پي دادو ڏانهن چٺي

 

محترم ايس ايس پي دادو جيئن ته توهان کي شهيد دانش جمالي واري واقعي جا مڪمل طور تي تفصيل پڻ مليل آهن، وري مان اوهان کي ياد دھاني لاءِ پڻ ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته 18 آڪٽوبر تي رات جو ڦورن سان مزاحمت ڪرڻ تي دانش جمالي کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو. جنهن جي واقعي کان پوءِ تقريبن پنجن ڇهن ڏينهن کان پوءِ توهان بذات خود شهيد دانش جمالي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ جاءِ واردات جو پڻ معائنو ڪيو هو.  اوهين شهيد جي وارثن کي جلد کان جلد انصاف ڏيارڻ جي پڪ ڏني ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جو پڻ وچن ڪيو هو. اڄ شھيد دانش جمالي کي  شهيد ٿئي مڪمل چاليھ ڏينهن پورا ٿيا آهن. وارثن اکين مان آب هاري هاري راتن جو تڙپي تڙپي چاليھ ڏينهن گذاريا آهن، جيڪو شهيد جي وارثن جو توهان تي اعتماد ڀروسو هو يا آهي پر  اڃا تائين ان تي ڪو گرفتاري جو عمل سامهون ناهي اچي سگهيو  جو چئي سگهون ته سنڌ پوليس پنهنجي بهادرانه ڪاروائي ڪري ڪو نتيجو ڏنو آهي. پر وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي مسلسل پوليس جو دانش جمالي ڪيس تي سست رفتار سان ڪم ٿئي پيو ۽ پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ڏسي دانش جمالي جو خون وارثن کي لڙهندي نظر ٿو اچي، ڇو جوچاليھ ڏينهن گذرڻ باوجود به اڃا تائين مک قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. آخر قاتل ڪهڙي ٻر  ۾ ويا هليا يا انهن کي زمين ڳيھي وئي يا آسمان تي کڄي ويا آهن. اڄ جتي دنيا پنهنجي ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن ان جاءِ تي دادو ضلعي جا 1600 ڏوهاري روپوش جوابدار آهن اهي آخر قانون جي پڪڙ ۾ ڇو نٿا اچن. انهن روپوش ڏوهارين کي ڇوٽ ڏيڻ جي ڇا معني آهي؟ جنهن جاءِ تي ايترا ڏوهاري روپوش آهن ان شھر جا رهواسي شهيد دانش جمالي جي قتل کان پوءِ مسلسل خوف و ھراس ۾ ورتل آهن. شام جي پهرن ۾ شاگرد ٽيوشن لاءِ نٿا نڪري سگهن. ڪاروباري مرڪز شام ٿيندي ئي بند ٿيو وڃن. ڪو شهري ڪڏهن بي خوف ٿي سامان سبزي وٺڻ لاءِ گهران نه ٿو نڪري سگهي. ائين نه ٿئي جو هر روز شهر جي گهٽين ۾ دانش جمالي جهڙا ڳڀرو نوجوان بيدرديءَ سان قتل ٿيندا رهن. اسين هن چٺي ذريعي اوهان کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته جلد کان جلد شهيد دانش جا قاتل گرفتار ڪيو ۽ انهن قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ اوهان پنهنجا شهيد جي وارثن سان ڪيل واعدن کي  پورا ڪيو ۽ انهن کي انصاف ڏيارڻ وارو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو.

 

اصغر جمالي

تعليمي ادارن م شاگرد يونين بحال ٿيڻ سان تعليم ۾ بھتري ايندي يا شاگردن کي پاڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ؟‎‎

 

تعليمي ادارن ۾ شاگردن جون يونين يا ملازمن جون تنظيمون ضروري ان لاءِ ھونديون آھن ته اھي پنھنجا حق حاصل ڪري سگھن.  تنظيم شاگردن کي شعور ۽ پنھنجي حقن ۽ منظم طريقيڪار کي سمجھن ٿا. شاگرد يونين ٺاھڻ آئيني حق آھي، پر اھي شاگرد  يونين جو مقصد منشور به تعليمي ھجڻ گھرجي. ڪالھ صوبائي وزير اسماعيل راھو سنڌ جي تعليمي ادارن خاص ڪري يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين تنظيمن جي رپورٽ طلب ڪئي آھي ته ڪيتريون فعال ٿيون آھن. پر اسماعيل راھو کي پڇڻ گھرجي ھا يونيورسٽين جو اھڙو حال ڇو ٿي ويو آھي؟ تعليمي معيار نه آھي ريسرچ صحيح ٿي نه رھي آھي، توھان شاگردن سان ظلم ڇو ڪري رھيا آھيو؟ شاگردن کي ھاسٽلن ۾ ڪھڙيون سھولتون ٿا ڏيو؟ تعليمي درد ھجڻ گھرجي ھا ته سنڌ جي تعليم ڪورونا ۾ پھريائين تباھ ٿي آھي وري برسات تعليمي ادارن ۾ نقصان پھچايو آھي. سنڌ جي امتحاني بورڊن ۾ ڇا پيو ٿئي؟ مارڪون پئسن تي ڇو پيون وڪامن؟ اسان شاگرد يونين جي مخالفت نه ٿا ڪريون پر شاگردن يونين کي سياست ۾ پنھنجي مفاد ۾ استعمال نہ ڪيو وڃي پر شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو مقصد ته سياسي پارٽين کي زنده رکڻ ئي آھي. جيڪي شاگرد يونين ۾ آھن اھي پنھنجي يونين ۾ اصل مقصد کي رکن، مثلن يونيورسٽي ۾، شاگردن کي پنھنجا حق نه ٿا ڏنا وڃن ھاسٽلن ۾ شاگردن کي سھولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن. تعليمي ادارن ۾ تعليمي سرگرميون تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. جيئن لطيف يونيورسٽي شاگردن جا 2 کان 4 سال ضايع ڪيا آھن اڃا خانگي ڪاليجن ۾ امتحان نه ٿا ڪرائين. غريب  بي پھچ شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ، يونيورسٽي ۾ وڌيل فيس خلاف  آواز اٿارڻ، شعور بيدار ڪرڻ، شاگردن کي پڙھڻ لاءِ اتساھيندڙ ڪردار ھجڻ گھرجي. شاگرد پنھنجي جائز حقن جي لاءِ آواز اٿارين ۽ چيئر سان ڳالھ ٻولھ ڪري پنھنجا مطالبا مڃرائين. شاگرد يونين ان لاءِ نه ھجي ته اھي سياسي پارٽين جي ليڊرن جا نعرا ھڻن، ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائين، پوائينٽ تي سيٽ تي جھيڙا جھڳڙا ڪن، تعليمي ماحول کي تباھ ڪن، سياسي پارٽين جي بنياد تي جھيڙا ڪن ۽ ڀتا خوري ۽ پڙھڻ وارن شاگردن کي تنگ ڪن. يونين وارن شاگردن جا اھي مقصد نه ھجڻ گھرجن. شاگرد يونين اصل کي وسارڻ نه گھرجي ته ھي مقدس تعليمي ادارن ۾ اڳ جيڪي شاگرد يونين ھيون انھن جو تعليمي مثبت ڪردار نه رھيو. شاگرد سياسي سرگرمين تي وڌيڪ ڌيان ڏنو  ۽ تعليمي ادارن ۾ تعليم تي ڌيان نه ڏنو. شاگرد يونين ۾ رھي پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪن پر اھي استعمال نه ٿين. جئين ھن وقت سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردن کي تعليمي ماحول ۽ سھولتون نه آھن تعليم جي معيار جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ سندن ڪم آھي. سنڌ حڪومت کي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جلد استادن جي کوٽ، ليبارٽرين ۽ برسات ۾ اسڪول ڪاليجن جون عمارتون زبون حال آھن انھن جي مرمت ڪرائڻ گھرجي. تعليم جي معيار تي ڪم ڪيو وڃي. تعليم جي ادارن کي مضبوط ڪريون سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سھولتون ڏيون. تعليمي سرگرميون ٿيڻ گھرجن. تعليمي ادارن ۾ جديد ٽيڪنالوجي متعارف ڪرايو.  شاگردن جي تنظيمن ۾ شاگردن کي سماجي سياسي ۽ پنھنجي حقن جي لاءِ شعوري سياست ڪرڻ گھرجي.

 

ساگر شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

نئين آرمي چيف جي تقرري سان عوام کي ڪو لاڀ حاصل ٿيندو…..؟

 

وڏي عرصي کان وٺي ملڪ ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ ھر ماڻھو پريشان ھو  نئون آرمي چيف ڪير ٿو مقررٿئي  آئون ان ويچار ۾ آھيان ته آخر ماڻھن کي نئين آرمي چيف جي مقرري جي ايتري ڳڻتي ڇو؟ ماڻھن جي اھا ڪيفيت ڏسي منھنجي ذھن ۾ ڪجھ سوال پيدا ٿا ٿين ڇا نئين آرمي چيف جي تقرري سان ملڪ مان مھانگائي، بدامني، بيروزگاري، ڪرپشن، اقربا پروري يا ملڪ عوام لاءِ خطرا بڻيل  مسئلا حل ٿيندا…..؟ يا عوام کي ڪنھن به قسم جو ڪو لاڀ حاصل ٿيندو…..؟ يقينن انهن سوالن جا جواب نه ۾ ھوندا ڇو ته ملڪي ڪابينا چئنج ٿيڻ آرمي چيف يا چيف جسٽس جي بدلجڻ سان عوام کي نه اڳ ڪو ھڙ حاصل ٿيو نه ھينئر ڪو لاڀ حاصل ٿيندو ته پوءِ عوام کي ايتري شدت سان ان معاملي ۾ ايتري دلچسپي نه وٺڻ گھرجي. عوام پنھنجي فائدي ۽ مقصد جو ڪم ڪري عوام ظالم حڪمرانن جو احتساب ڪري کانئن ڦٻايل پنھنجا حق ڇني وٺي نه ڪه آرمي چيف جي تقرري واري بحث ۾ قيمتي وقت ضايع ڪري. آرمي چيف، چيف جسٽس يا ٻين اھم ادارن جي اھم پوسٽن تي فائز ماڻھن جي بدلين مقررين جي ڳڻتي ملڪي حڪمرانن کي ڪرڻ گھرجي ڇو ته اھڙن ادارن جي سربراھن جي بدلين مقررين مان خوف ظالم غاصب حڪمرانن کي آھي جنھن ھميشه ملڪي ناڻو لٽيو ۽ عوامي حق بنا خوف جي غصب ڪيا. اھم ادارن جي سربراھن جي بدلين مقررين سان ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان عوام کي ڪو فرق نه پوندو نه ڪي ان ۾ عوامي مفاد آھي عوام کي گھرجي ته ھو سندن حق غصب ڪندڙ حاڪمن جي رستا روڪ ڪن، سندن ڳٿر پڪڙن جن ستر سالن کان ابن ڏاڏن کان سندن حق غصب ڪيا آھن.

 

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

اترسنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر۽ ھرکجي اغوا ٿيندڙماڻھن تي تشدد جو ذميوارڪير؟     گل بيگ چانگ

 

سنڌ اندر ھونء ته ڪيترن ئي ڏوھي وارداتن جا واقعا روزجو معمول بڻيل آھن جنھن ۾ دھشتگردي، ڦرون توڙي چوري جھڙيون ڪارروايون عوام ڀوڳيندو رھي ٿو. ليڪن اتر سنڌ جي ڪچي ۾ جيڪي بي رحم ڌاڙيل جديد ھٿيار کڻي سوشل ميڍيا تي ھرکجي ويل ماڻھن تي تشدد ڪندڙ تصويرون اپ لوڊ ڪندي مغوين جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪرڻ جھڙا خوفناڪ منظرڏيکاريندا رھن ٿا انھن جي پٺيان ڪھڙا طاقتوار ھٿ آھن جيڪي مضبوطيءَ سان ماڻھو اغوا ڪري ڪچي ۾ گھر اڏيو ويٺا آھن يا وري پوليس کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏوگڏ پنھنجي پسند جا آفيسر مقرر ڪرائڻ جھڙا داٻا ڏيندا رھن ٿا. اھي سڀئي ڳالھيون پوليس فورس لاءِ ھڪ وڏو چئلينج آھن. ڇو ته ڌاڙيل جيڪا ڀنگ واري رقم مان ھٿيار يعني گن مشين ۽ جي ٿري توڙي ڪلاشنڪوف سميت ٻيا ڪيترائي ھٿيار خريد ڪري رهيا آهن جيڪي سرڪاري فورسز کانسواءِ خانگي ماڻھو کي نٿا ملي سگھن اھي ڌاڙيل وٽ وڏي مقدار ۾ ڪٿان اچي رھيا آھن؟ انھن جي ڪڏھن ڪنھن جاچ ڪرائي آھي يا وري رھزن ڌاڙيل اھا دعوي ڪندا رھن ٿا تہ ھٿياراسان کي پوليس وارا ڏين پيا ۽ پوليس ايس ايس پي کان سپاھي تائين اسان جا پوليس ۾ سٺا دوست موجود آھن. اھا ڌاڙيلن جي ڪيتري قدر ڳالھ وزن رکي ٿي ليڪن انھن سڀني ڳالھين جي کوجنا ڪرڻ سرڪار جو ڪم آھي ڇاڪاڻ ته  چوڻي موجب ڌاڙيل جي زندگي جانور جي زندگي وانگر ھوندي آھي پر ھن دور جا ڌاڙيل ھڪ جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جي رھيا آھن جن وٽ ماڻھو اغوا يا ھرکجي اغوا ٿيڻ توڙي پوليس جي آپريشن ڪرڻ جا اڳواٽ اطلاع ملي ويندا آھن. اھڙو ئي واقعو رائونتي واري ڪچي ۾  ڌاڙيلن جي انڌاڌنڌ فائرنگ دوران ڊي ايس پي سميت 6 پوليس جا جوڌا جوان شھيد ٿيڻ جو آھي. ويا ان ھوندي بہ پوليس پنھنجي پٽي ڀائي شھيدن جو پلاند نہ وٺي سگھي آھي ايئن وقت بہ وقت پوليس جا نوجوان اھلڪار شھادت جو جام پيئندا رھن ٿا انھن لاءِ پوليس فورسز ڪھڙا اپاءُ ورتا آهن. ڪيترائي پوليس اھلڪار جان جو نذرانو ڏئي ھميشہ امر ٿي ويا انھن لاءِ صرف روايت برقرار رکندي آفيسر سلامي ڏئي پاڪستان جي جھنڊي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ يا اولاد کي نوڪري ڏئي خوش ڪرڻ کانسواءِ ٻيا ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪھڙا آپشنس اختيار ڪيا ويا آھن؟ ته جيئن عوام جي مال جي ھميشہ جيان حفاظت ٿي سگھي.

 

گل بيگ چانگ

 

آزادي جو پھريون شھيد تلڪا مانجھي

 

برصغير جي تاريخ کي ڪڏھن دراوڙ نظريي سان لکيو ئي نه ويو، اھي دلت دراوڙ ۽ آديواسي جوڌا جن آزادي جي لڙائيءَ ۾ پنھنجو سڀڪجھ نڇاور ڪري ڇڏيو، اھي جنگي جوڌا جن انگريزن سان وڙھندي پنھنجا پساھ پورا ڪيا، اھي مھان ڪرانتيڪاري جن جا نالا لکڻ وقت تاريخدانن جي قلم مان مس سڪي وئي، ڪجھه خاص ماڻهن جو ڪجھ خاص ماڻهن لاءِ لکيل برصغير جي آزاديءَ جي تاريخ ۾ دراوڙ جوڌن ۽ ڪرانتيڪاري نارين کي اھو سمان ڪڏھن به نه مليو جن جا اھي حقدار ھئا، جڏھن ته انگريزن جي مخبري ڪرڻ وارن ۽ انھن جا بوٽ پالش ڪرڻ وارن کي مھان ڪرانتيڪاري سڏيو ويو، پر ھاڻ انھن دراوڙ جوڌن جون ڪھاڻيون خود زمين ڦاڙي ٻاھر نڪري رھيون آھن.

ڌرتيءَ جي ڀٽڪندڙ نسلن، دلتن، دراوڙن ۽ آديواسين جي دفن ٿيل تاريخ ھاڻ اجاگر ٿي رھي آھي. چوندا آھن ته چنڊ کاري ھيٺ لڪائي نٿو سگھجي ايئن سچ کي ظاھر ٿيڻ کان ڪائنات جي ڪابه قوت روڪي نٿي سگھي.

تاريخي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ڌرتي ۽ ڌرم لاءِ وڙھندڙ منگل پانڊي پھريون شھيد ھو پر حقيقت ان جي برعڪس آ. منگل پانڊي کان ستر سال اڳ انگريزن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ۽ آزادي لاءِ قرباني ڏيندڙ تلڪا مانجھي پھريون شھيد ھو.

17جنوري 1785ع جو انگريزن تلڪا مانجھي کي سرعام ڦاهي ڏني ھئي. پھاڙي زبان ۾ تلڪا جي معني غصيل ۽ لال اکين وارو ماڻهو آهي ۽ پھاڙي زبان ۾ ڳوٺ جي پرڌان کي مانجھي چيو ويندو آ تنھنڪري ھو تلڪا مانجھي جي نالي سان مشهور ٿيو، پر ھن جو اصل نالو جبرا پھاڙيا ھو.

انگريزن جبرا پھاڙيا کي خونخوار ڊاڪو چوندا ھئا، سن 1771ع کان1785ع تائين جبرا پھاڙيا انگريزن سان وڏو مقابلو ڪيو. ھو ڪڏھن به پوئتي نه هٽيو نه ڪڏھن جھڪيو ۽ نه ڪڏھن ڊنو. ھن جاتي وادي ماڻھن ۽ ظالم زميندارن جي خلاف به آواز اٿاريو. جبرا پھاڙيا ڀاگلپور جي ظالم انگريز ڪليڪٽر ڪليولين کي بدترين موت ڏنو، بعد ۾ انگريز آئفوٽ جي اڳواڻي ۾ جبرا پھاڙيا جي گوريلا فوج تي حملو ڪيو ويو جنھن ۾ ڪيترائي آديواسي جوڌا ماريا ويا ۽ جبرا پھاڙيا عرف تلڪا مانجھي کي گرفتار ڪيو ويو. ھن کي چار گھوڙن جي پويان ٻڌي گيسيندي ڀاگلپور وٺي آيا. ميلن جا ميل گسجڻ کانپوءِ به تلڪا مانجھي زنده ھو. رت ۾ رڱيل ھن جو جسم تڏھن به ڪاوڙ ۾ لپٽيل ھو ۽ ھن جون ڳاڙھيون اکيون برٽش راج کي ڊيڄاري رھيون ھيون. آديواسين ۾ دھشت پيدا ڪرڻ لاءِ انگريزن ھن کي سرعام ڦاهي ڏني. ظالم انگريزن ڀاگلپور جي چوراھي تي ھڪ وڻ ۾ ڦاسي تي لٽڪايو ويو. ھزارين ماڻھن جي ھجوم ۾ جبرا پھاڙيا عرف تلڪا مانجھي کلندي کلندي ڦاھي چڙھيو ۽ اھا تاريخ ھئي 17 جنوري 7185ع . پر تاريخدانن منگل پانڊي کي ھيرو بڻائي ڇڏيو. اھا سوچڻ جھڙي ڳالھ آھي ته چرٻي وارا ڪارتوس نه ظاھر ٿين ھا ته انگريزي فوج ۾ نوڪري ڪندڙ منگل پانڊي جي بندوق ڪنھن جي خلاف اٿي ھا يا بغاوت کان پھريان منگل پانڊي جي بندوق جون گوليون ڪنھن کي ڇلني ڪري رھيون ھيون، ان جو اندازو توھان پاڻ لڳائي سگھو ٿا.

 

دولت راء دراوڙ / ڀيل ننگر – اسلام ڪوٽ