يورپ ويندڙ نوجوانن لاءِ تجويزون … سيد خليل احمد

0
183

 جيڪي نوجوان جنوري سيشن ۾ يورپ اچي رهيا آهن يا جيڪي اچڻ جو ارادو رکن ٿا اهي توجهه ڏين.

                         1) ڊرائيونگ لازمي سکو ۽ پنهنجو ڊرائيونگ لائسنس ٺهرايو. اوهان پاڪستان جي ڊرائيونگ لائسنس تي 12 مهينن تائين برطانيه ۾ گاڏي هلائي سگهو ٿا. ڊرائيونگ اچڻ ڪري ڊليوري جي نوڪري شاگردن کي فورن ملي ويندي آهي.

                         2) انگريزي زبان تي ڪم ڪيو خاص طور لسننگ ۽ اسپيڪنگ تي گهڻو ڌيان ڏيو.

                         (3 رهائش پاڪستان مان ويهي ڪري بڪ نه ڪيو پر هتي اچي پوءِ ڪيو ڇو ته هوم ڪنٽري کان بڪنگ مهانگي پوندي آهي.

                         04) ڪوشش ڪيو ته وڌ کان وڌ اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪيو.

05) ڪنهن به ملڪ پڙهائي لاءِ وڃو ته پاڻ سان لازمي پوليس ڪلئيرنس سرٽيفڪيٽ کڻي وڃو.ڪجهه نوڪرين ۾ ان جي ضرورت پوندي آهي.

                         هن وقت ڪهڙين نوڪرين جي يورپ ۾ ڊمانڊ آهي ان بابت اوهان کي ايندڙ پوسٽ ۾ آگاهي ڏيندس. (فيس بوڪ وال تان ورتل)