معاشي مسئلا ، حڪومت ۽ مخالف ڌر جو ڪردار

0
183
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ مان مس مس وڃي هڪ هيجان جي ڪيفيت ٽري آهي پر معاشي مسئلا حل ٿيڻ ۾ شايد اڃا گهڻو وقت گهرجي جيڪي سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهن.ٻه ٽي ڏينهن اڳ تائين ته صورتحال ئي مختلف هئي خبر ئي نه پئجي رهي هئي ته ڇا ٿيندو پر هڪ ڳالهه جو ته امڪان پيدا ٿيو آهي ته هاڻي سياسي ڌريون سياسي معاملا وڃي پاڻ طئي ڪن انهن جي ئي ڪردار سان اندازو ٿيندو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي ٿو يا نه. ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت کان اسٽيبلشمينٽ ۽ خاص ڪري فوج بار بار اهو واضح پيغام ڏئي رهي هئي ته انهي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو فيصلو ڪنهن هڪ فرد جو نه پر اداري جو فيصلو آهي ۽ موجوده آرمي چيف شهيدن جي ڪانفرنس ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ به اهو واضح چيو ته گذريل  فيبروري ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هاڻي فوج پاڻ کي سياسي مداخلت کان پري رکندي.ان کانپوءِ نئين آرمي چيف جي تقرري به گهڻو بحث هيٺ آئي ۽ صدر جي ڪردار تي به ڳالهايو ويو پر اهي سڀ معاملا انهن ڳالهين هوندي  خير عافيت سان گذري ويا. آرمي چيف جي تقرري به ٿي وئي،  صدر سمري تي صحيح به ڪري ڇڏي، وزارت دفاع نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، باقي ڪمانڊ جي تبديلي جي تقريب رهيل آهي جيڪا 29 نومبر تي ٿي ويندي،مطلب حڪومت آڏو هاڻي رڳو سياسي ۽ معاشي چئلينجز آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ انهي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

ملڪ ۾ هن وقت جيڪو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي اهو معاشي استحڪام جو آهي جنهن ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي.اسٽيٽ بينڪ ٻه ڏينهن اڳ جيڪا پنهنجي مانيٽري پاليسي جاري ڪئي آهي ان کي ڏسي لڳي ٿو ته ملڪي معاشي صورتحال ڪا بهتر حالت ۾ ناهي جو انهي مهانگائي کي گهٽائي سگهجي ۽ بيروزگاري کي ختم ڪري سگهجي، اهو حڪومت جي ڪارڪردگي لاءِ وڏي ۾ وڏو چئلينج آهي ته انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون ٿي پاليسيون اختيار ڪري. ان سان گڏ سياسي محاذ تي به حڪومت لاءِ ڪي آسانيون ناهن ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر  پي ٽي آءِ اڃا تائين حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اها پنهنجو رستن تي احتجاج برقرار رکيون ٿي اچي، ڪالهه به پنڊي ۾ انهن جو وڏو جلسو هو ۽ انهن جو مطالبو آهي ته جلد کان جلد عام چوندون ڪرايون وڃن،چونڊن کان سواءِ سياسي استحڪام اچي ئي نه ٿو سگهي جيڪو ئي معاشي استحڪام جي صمانت آهي.اسٽيٽ بينڪ مهانگائي جو اعتراف ڪندي وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي،وياج جي شرح ۾ واڌ عام طور تي ترقي جي واٽ ۾ رنڊڪ سمجهي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته ان جو ڪاروباري ۽ پيداواري عمل تي اثر پوندو آهي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ پاڻ اعتراف ڪري رهي آهي ته سيمينٽ،تيل،بجلي ۽ گاڏين جي پيداوار ۾ لاٿ ٿي آهي جنهن جو مطلب ته ان سان بيروزگاري ۾ به اضافو ٿيو آهي.ملڪ ۾ ٻوڏ سبب به معيشت تي  اثر پيو آهي جنهن ڪري مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ پاڻ جون 2023ع تائين ناڻي جي ذخيرن جي واڌ جو امڪان ڏيکاري رهي آهي جنهن جو اهو مطلب آهي ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۾ اڃا به وقت لڳندو جڏهن ته عام ماڻهن هن مهانگائي ۾ ئي ڀوڳي رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي اها ئي مخالف ڌر کي ڳالهين جي ميز تي آڻي نظام کي بنا رنڊڪ هلائڻ جي سگهه رکي ٿي جيڪڏهن مخالف ڌر جا ڪي جائز مطالبا آهن ته انهي تي ڳالهائڻ کان نه ڪيٻائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سياست ۾ ڀلي ڪيڏي به مخالفت هجي پر ڳالهين جا دروازا بند نه ڪبا آهن. ايئن ئي مخالف ڌر کي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ بدران پنهنجا مطالبا حڪومت آڏو ئي رکڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته جمهوريت ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ گاڏي جا ٻه ڦيٿا هوندا آهن ۽ انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي به غير موجودگي ۾ جمهوريت جي گاڏي هلي نه ٿي سگهي نه ئي عوام کي رليف ملي سگهي ٿو.