ٽڪي جا ماڻھو، ٽڪي وڪاڻا!

ٻه ڏينھن کان اھا خبر آھي ته شھيد ناظم جوکيو جي ويڪائو ڀاءُ فريادي افضل جوکيو ناظم جي قاتل ڄام ڪريم جو نالو ڪيس مان خارج ڪرايو آھي، پوليس آڏو 164 بيان ۾ افضل جوکيو چيو ته ڄام ڪريم کيس ساک ڏني آھي ته افضل جوکيو جي قتل ۾ ھو ملوث ناھي، جڏھن ته شروع جي ڏينھن ۾ افضل جوکيو ميڊيا آڏو اھو بيان ڏنو ھو ته ناظم جوکيو کي نياز سالار معرفت ڄام ڪريم ئي گھرايو ھو ۽ ڄام ڪريم جي حڪم تي ڄام ڪريم جي سامھون ڄام اويس جي گارڊن ناظم جوکيو مٿان انسانيت سوز تشدد ڪيو، جڏھن ته ڄام ڪريم افضل جوکيو کي اھو چئي گھر روانو ڪيو ته تون ھليو وڃ، ناظم کي رات عربن کان معافي وٺڻ بعد سڀاڻي آزاد ڪيو ويندو، 17 ڏينھن گذرڻ بعد افضل ڄام ڪريم بابت ڏنل بيان تان ڦري ويو، شھيد ناظم جوکيو جي گھرواري شيرين جوکيو پھرين ڏينھن کان اھو چيو ھو ته سندس ڏير سردارن کان ڊڄي ٿو، پر ھوءَ ڪنھن کان نٿي ڊڄي، ھن اھو پڻ عزم ڪيو ته ناظم جي قاتل سردارن کي ھو ڦاهيءَ تائين پھچائيندي. شيرين جي ڏير افضل جوکيو بابت ڳالھ سچ ثابت ٿي، نيٺ افضل جوکيو لالچ، دٻاءَ، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪري ڪيس مان ڄام ڪريم جو نالو خارج ڪرايو، جڏھن ته افضل جوکيو جي اھڙي ڪريل حرڪت تي سڄي سنڌ مٿس ڪاوڙيل آھي، ڇو ته شھيد ناظم جي شھادت وقت سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي، افضل جوکيو ناظم جي شھادت جي 17 ڏينھن اندر ڀوتارن اڳيان ھار مڃي ڀوتارن کي سرخرو ڪري تاقيامت پنھنجو ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو. اسين اميد ڪيو ته ٿا شھيد ناظم جوکيو جي وني ۽ امڙ ڪنھن به ريت ظالم سردارن ڪريم جوکيو، گھرام جوکيو ۽ ٻين قاتلن کي شھيد ناظم جوکيو جو خون ڪڏھن به معاف نه ڪندا ۽ شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن کي ضرور منطقي انجام تائين پھچائيندا ۽ ڪيس ۾ پڻ وني کي فريادڻ بڻجڻ گھرجي، باقي ويڪائو افضل جوکيو جي آسري شھيد ناظم جو خون لڙھي ويندو، ناظم جوکيو جي خون جو سود ڪندڙ سندس سوداگر ڀاءُ افضل جوکيو مٿان زخمي چانڊئي جون ھي سٽون ٺھڪي اچن ٿيون:

ٽڪي جا ماڻھو، ٽڪي وڪاڻا،

ھِتي وڪاڻا، ھُتي وڪاڻا.

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

سجاول لڳ ڳوٺ ميان ملوڪ جي اسڪول جي سار لهو!

  سجاول کان 11 ڪلوميٽر ميرپوربٺورو روڊ جي ڀرسان سان بوائز ڪريم ڏنو شاھ اسڪول 20 سالن کان تعمير ٿيل آھي پر چالو نه ٿي سگھيو آھي، اسڪول جي حالت تمام خراب ٿي وئي آھي، 2010ع جي سيلاب ۾ اسڪول جو فرنيچر ڳري سڙي ختم ٿي ويو هو، ڀتين ۾ به ڏار پئجي ويا آھن، ڳوٺ ۽ ڀر پاسي جا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏين تڪليف کي مُنهن ڏئي پري پري تائين مختلف اسڪولن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪن ٿا. اسان جي معصوم ٻارڙن کي دربدرائي کان بچايو وڃي، تعليم ھر ٻار جو بنيادي حق آھي، اسان جي ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿي رھيو آھي، ڳوٺ ۾ اسڪول نه ھئڻ ڪري ڪيترائي ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم آھن. اسڪول جي سھولت نه ھئڻ ڪري ٻار مال چارڻ تي مجبور آھن، اسان جي ٻارڙن جو مستقبل  داءَ تي لڳل آھي. اسان وزير تعليم، وزير اعليٰ کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي اسڪول جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ اسڪول کي فرنيچر ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا ٻار سولائيءَ سان پنھنجي ڳوٺ ۾ سٺي تعليم حاصل ڪري سگھن.

وفا بابو پٺاڻ/ سجاول

اي دوست پنھنجي سنڌ جا ڇيڙا سرا جاڳي پيا!

  ھر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي ان ئي روايت کي برقرار رکندي سنڌي ميڊيا جي وڏي پليٽ فارم “ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار” طرفان ھيل به ڊسمبر جي پھرين آچر يعني پنج ڊسمبر 2021 تي ھي ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھايو ويندو، ياد رھي ته 2009ع ۾ ملڪ جي صدر آصف علي زرداري جڏھن قومي اسيمبلي ۾ سنڌي ٽوپي پائي ويو هو ته ھميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم تي ڇٿر ڪرڻ وارن ڪو نه ڪو ڏنگ ضرور سنڌي ماڻھن جي دل آزاري لاءِ هڻندا آهن، ان وقت صدر آصف علي زرداري کي چيو ويو ھيو ته توھان پوري ملڪ جا صدر آھيو ۽ سنڌي ٽوپي ڇو پائي آيا آھيو، ان وقت به وزيرن سنڌ جي ثقافت تي ڇٿرون ڪيون ھيون، سلام آھي “ٽائيم نيوز، پنھنجي اخبار” جي سرواڻ محترم محمد علي قاضي ۽ ان جي پوري سٿ کي جن انھن شرپسندن کي جواب ڏيڻ لاءِ 2009ع جي ڊسمبر جي پھرين آچر تي سنڌي قوم کي ھڪ ٿي گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪيو پوءِ دنيا ڏٺو ته واقعي ھي قوم جي اٿي گڏ ٿي ته ڪجھ به ڪري سگھي ٿي. لاڳيتو 11 سالن کان ھي ڏھاڙو ھاڻ رڳو سنڌ ملڪ نه پر ڪينجھر کان ڪارونجھر، ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين نه پر پوري دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ رھندڙ ھر ھڪ سنڌي فرد ھي ايڪتا جو ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملھائيندو پيو اچي، ھيل به انشاءُاللھ سڄي سنڌ مان سماجي سياسي مذھبي جيڪو به سنڌي جنھن به پارٽي سان سلھاڙيل آھي اھو ھي قومي عيد وارو ڏھاڙو ڀرپور نموني ملهائيندو. ھن ڏھاڙي جي مک تقريب سنڌي ميڊيا طرفان ڪراچي جي پريس ڪلب اڳيان منعقد ڪئي ويندي جنھن ۾ سنڌ جا قومي گلوڪار دل لڳي سان پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا، اسان به ٻيلو شھر کان ريلي جي صورت ۾ سنڌ جي وڏي شھر ڪراچي ۾ جيئي سنڌ جي نعرن جي گونج ۾ اتي مک تقريب ۾ پھچنداسين.

اي دوست پنھنجي سنڌ جا ڇيڙا سرا جاڳي پيا،

آسون ڪڙو موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا،

جوءِ جوءِ منجھان جوڌا اٿيا،

سرنھن سر منجھا سوڍا اٿيا،

ديھ ديھ منجھان دودا اٿيا،

ھي بي ڊپا باونورا جاڳي پيا،

اي دوست پنھنجي سنڌ جا ڇيڙا سرا جاڳي پيا.

سرويچ سجاولي

احسان عيسيٰ ٻجورو/ٻيلو، سجاول

اي وي ايم تي اٿندڙ سوال!‎‎

  وفاقي حڪومت گڏيل پارليامينٽ مان ايندڙ اليڪشن اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو بل پاس ڪرائي ورتو آهي، جنھن تي سموري مخالف ڌر سميت اليڪشن ڪميشن کي به سخت خدشا آھن، اليڪشن ڪميشن جو موقف آھي ته اي وي ايم جي استعمال تي 150 ارب رپيا خرچ ايندو، 8 لک مشينون گھربل ھونديون، ان لاءِ ڪيترائي ماھر گھرجن، انھن مشينن کي تڪن ۾ پھچائڻ لاءِ ھيلي ڪاپٽرن جي ضرورت ھوندي، ان باوجود صاف ۽ شفاف اليڪشن جي ڪابه گارنٽي نٿي ڏئي سگھجي، ايترن گھڻن اعتراضن ھوندي به عمران سرڪار ايندڙ اليڪشن اي وي ايم ذريعي ئي ڪرائڻ تي بضد آھي. جيتوڻيڪ جن ملڪن ۾ اي وي ايم مشينون استعمال ٿي رهيون آھن اتي به ان جي شفافيت تي ڪيترائي سوال اٿندا رھيا آھن، ھندستان جتي گذريل اليڪشن اي وي ايم ذريعي ٿي، اتي به ڌانڌلي جا پڙاڏا ٿيندا رهيا ۽ ھاڻي ڪانگريس پارٽي اتان جي پارليمينٽ ۾ ھڪ درخواست جمع ڪرائي آھي ته ايندڙ اليڪشن پراڻي طريقي سان ئي ٿيڻ گھرجي، ان کان سواءِ فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ به اي وي ايم جو استعمال روڪيو ويو آھي، تنھن ڪري وفاقي حڪومت کي گھرجي ته اي وي ايم مشين تي جي اليڪشن ڪميشن ۽ سمورين مخالف ڌر جي پارٽين کي اعتراض آھن ته پوءِ پنھنجو ضد ڇڏي صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ ڪو ٻيو اھڙو طريقو استعمال ڪيو وڃي، جنھن تي سڀ ڌريون راضي هجن.

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

حڪومتي فيصلا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين!

  پاڪستان اندر چونڊ سڌارن بابت معاملا هلي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت اليڪشن ڪرائڻ جو بل منظور ڪرايو آهي، جنهن تي مخالف ڌر جا خدشا ظاهر ڪيا آهن ۽ عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو اهي، سوال اهو آهي ته اهڙي مشيني دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ناڪام وئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪيئن ڪامياب ويندي؟ ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمٰن جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو ورچوئل اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ لانگ مارچ بابت تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ انهن تجويزن جي منظوري ڏني وئي آهي، اپوزيشن طرفان چئلينج ڪرڻ تي گذريل ڏينهن اجلاس ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي، رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ آيا، ايئن رٿ منظور ڪئي وئي، ان دوران اپوزيشن گوڙ ڪيو ۽ اسپيڪر جي ڊائس جو گھيرو ڪيو، بل موجب سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا ۽ ٻين ايجنسين ادارن يعني جي ٽيڪنيڪي مدد سان حاصل ڪري سگھبي، اجلاس ۾ ڀاتي جاسوس ڪلڀوشن يادوَ بابت بل ۾ منظور ڪيو ويو، اهو به قانون موجب وفاقي وزير فروغ نسيم پيش ڪيو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڪيتري قدر ڪامياب ٿئي ٿي ۽ ووٽ جو حق ڪنهن کي ملندا.

غلام رحيم جوڻيجو موکار/مٺي

زندان جي جھروڪن مان!

                 اڄ منهنجي ملاقات هڪ نئين قيديءَ سان ٿي جيڪو چرس جي ڪيس ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد آيل هو، جنهن جو تعلق ڪراچيءَ جي قائد آباد سان آهي، هن سان ملي مون کي اها رات ياد اچي وئي، جنهن رات آئون ڪراچيءَ لاءِ سفر ڪري رهيو هئس، انهي رات مون سان گڏ سفر ۾ ڄامشوري جا ٻه دوست عيسيٰ مگسي ۽ اسماعيل بليدي به گڏ هئا، اها رات مون سميت اسان دوستن جي زندگيءَ جي ڏکين راتين مان هڪ هئي، ان رات آئون دوستن سان گڏجي ڄامشوري کان ڪراچي تائين هڪ ڀڳل ٽٽل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين جنهن گاڏيءَ جو ڊرائيور مان پاڻ هئس، سڄي رات جي سفر کان پوءِ نيٺ اسين دوست روشنين جي شهر ۾ رهندڙ دوست مزمل عرف علي ڪلهوڙي وٽ پهتاسين، مزمل ڪلهوڙو اصل ۾ ڪي اين شاهه کان ڪجھه مفاصلي تي هڪ ننڍي شهر گوزي جو رهواسي آهي، مزمل وٽ پهچڻ شرط اسين پنهنجو حليو ٺيڪ ڪيو ۽ ٿڪ لاهڻ کان پوءِ دوستن ويهي رات دير تائين ڪچهري ڪئي، ڪچهريءَ دوران مون مزمل ڪلهوڙي کان ڪراچي شهر بابت پڇيو ته اڄ کان ڪافي سال اڳ ڪراچي ڪيئن ۽ ڪهڙا ماڻهو هتي رهندا آهن، هن ٻڌايو ته سندس تحقيق موجب 25 ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا، انگريزن جي دور ۾ 25 ۽ سنڌي جا 9 لهجا پڻ ڪراچيءَ ۾ ڳالهايا ويندا هئا، مختلف مذهبن جا ماڻهو امن ۽ شانتي سان رهندا هئا، اهي سڀئي هڪ ئي قبرستان ميوا شاهه ۾ تدفين ڪندا هئا، ڪراچيءَ ۾ خاص ڪري سنڌي، بلوچي، فارسي، هندي، اردو، بنگالي، انگريزي، گجراتي ڳالهايون وينديون آهن، ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جا لهجا نمڙڪي، لاسڪي، ڪوهستاني، اترادي، ڪڇي، ساهتي، وغيره آهن، منهنيج حساب سان هنن ٻولين ۽ لهجن مان ڪجھه لهجا ۽ ٻوليو اڄ به ڪراچيءَ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، مزمل علي ڪلهوڙي جي ڪچهريءَ مان مون کي ڪراچي شهر بابت ڪافي ڄاڻ ملي.

سردر محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

سڍي رات آئون برسات ۾ پُسندو رهيس، منهنجي ٻاهرئين کوليءَ جي ڇت کُليل آهي، اخبارن ۾ ميان مير چانڊيو صاحب جو ڪلام “قيدي، ڪهاڻيون ۽ قيد خانا” پڙهي دلي خوشي ٿي، ڪجھه ڏينهن اڳ مون سائين کي خط واٽس ايپ ڪرايو هو، مون به ڪالم جو جواب شڪرانو لکي روزاني پنهنجي اخبار جي پتي تي روانو ڪري ڇڏيو جيڪو انشاءُ الله جلد اخبار ۾ اچي ويندو. اڄ رشيد جماليءَسان وڏا ڀوڳ ڪياسين، ان کان سواءِ اسڙف پهوڙ جي پئسن واري بندي به پُسي خراب ٿي وئي آهي، هاڻ ان کي پنهنجن 1200 سون جو فڪر لڳل آهي، جيڪي بندي ۾ هئا. سپاهي صابو چوڻ لڳو ته ٻارهين مهيني ته بلا به کل مٽائيندي آهي تون جي کڻي پئسن جي قرباني ڏني ته ڇاٿي پيو؟ اشرف جي چوڻ تي آئون پنهنجا پئسا ڪونه ڇڏيندس، خير مون اشرف کي يقين ڏياريو ته تنهنجا پئسا ڪاڏي نه ويندا آئون ماما قربان پنهور کي پارت ڪندس، هوڻ جي هوندي ڪڏهن به ڪنهن سان ناانصافي ناهي ٿي، سمورن قيدين جا پئسا امانت طوت مامي قربان وٽ ئي هوندا آهن. اڄ اسان بنا بريڪ ورزش ڪئي، شام جو ڪجھه دير پارڪ ۾ گذاريم، پري ڪٿان ڪنهن امام بارگاهه مان اسپيڪر تي ڪو يازهره عه يا زهره عه جھونگاري رهيو آهي، جيڪو تترن جي تنوار جي وچ ۾ دل ۽ ذهن کي ڏاڍو سڪون بخشي رهيو آهي، منهنجي دل پئي ڪري ته آئون رسول ﷺ جي نياڻيءَ جي شان ۾ ڪجھه لکان، شام جو علي شير جي ڀاءُ ارباب کوسي سان ملاقات ٿي، ارباب تمام بيمار آهي ان کي پيٽان رتُ ٿو اچي، اڄ ڪورونا جي ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي، انهن مون کي ۽ شبير ٻرڙي کي گھرايو، مون کين ٻڌايو ته منهنجو ڪورس مڪمل ٿي چڪو آهي پر مون کي ڪورونا ڪارڊ جاري ناهي ڪيو ويو. اسان لک ڪوشش ڪئي پر اسان کي ڪارڊ جاري نه ڪيا ويا. جيڪي يادگيريون دفن ٿي ويون آهن شايد اُهي من جو اثاثو آهن، جيڪي يادون زنده آهن آئون انهن جي ڏڍ تي اڳتي وڌي رهيو آهيان، هن وقت دوست ٽي وي ڏسي رهيا آهن پر اسڪرين تي لکيل اچي رهيو آهي سنگل بهتر ناهن. برسات کان پوءِ عجيب و غريب ڪيڙا ماڪوڙا ۽ جيت اچي وارڊ ۾ گڏ ٿيا آهن، جن کي ڀڄائڻ لاءِ اسان کي بلڪل ڪجھه دير لاءِ بند ڪرائڻا پوندا پر سپاهي وارڊ ۾ نظر نه پيو اچي ۽ بلب جو بٽڻ به کوليءَ کان ٻاهر آهي ۽ اسان جي پهچ کان پري آهي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (01 آڪٽوبر 2021، شام جا 07:37)

وڏي ڪُرسي وارا صاحب! ڏيو نٿا ته ڏُکايو به نه!

                 سماج جي سُڌاري جي اُڻتڻ، سماج کي سُٺي دَڳ سان لائڻ، سماج جي پريشانيءَ کي حل ڪرڻ يا گهٽائڻ جي ذميواري رياست جي هوندي آهي، اسين زباني طور تي “سُڌريل معاشري” جو حصو آهيون پر حقيقت ۾ اسان کي “بگڙيل سماج” حوالي ڪرڻ وارا ذميوار “صاحب” جو لقب حاصل ڪيون ويٺا آهن، اها هن سماج جي بدقسمتي آهي جو اسان جي مسئلن جي حل جا ذميوار اسان جي مسئلن يا ان جي حل تي پورا ڏهه منٽ به نٿا ڳالهائي سگهن، ڇو جو هُو ان پائي جا آهن ئي نه يا ايئن چئجي ته هو صاحب ته بڻجي ويا آهن پر سماج جي مسئلن جي حل ڪرڻ يا ٻڌڻ لاءِ نه پر صرف “وڏي ڪُرسي” لاءِ. دادو ضلعي جي وڏي ڪرسي تي ڊي سي “وڏو صاحب” ويٺل آهي، جيڪو وڏن فنڊن کي پنهنجو پاڻ وٽ “يوٽيلائيز” ڪري سگهي ٿو پر سماج جي ڀلي لاءِ نه، مقصد ته هو پوليو مهم، ارڙي، ربيلا مهم تي “هرڀرو” به ڏهه منٽن کان ٽيهه منٽن تائين ڳالهائي سگهي ٿو پر اصل سماجي مسئلن تي نه، جيڪا سندس ذميواري آهي. انهن مسئلن تي ته لاڳاپيل ٻيا ذميوار ڳالهائي سگهن ٿا پر ڳالهه وڏي فنڊ جي آهي ته پوءِ وڏي ڪرسي واري پاران ڳالهائڻ ڄڻ ته هن جي “فرض” ۾ شامل ٿيو وڃي، وڏي ڪرسي واري ڊي سي دادو هونئن ته سماج جي چڱي چوکي ۾ سال ڏيڍ کان سرڪاري طور تي هٿ ڪونه ونڊايو آهي پر شهر جي ايس پي موڙ کان مورو روڊ تائين روڊ جي خراب حالت کي بهتر ڪرڻ بدران ڊي سي هائوس ٻاهران پائيپ ڪراس ڪرائڻ لاءِ پٽرائي ڇڏيو آهي. شهر جي ٻين پاڙن ۾ ته ڪي ڪم نه ٿيا پر هڪ پارڪ جي ٺهڻ جي ڪري ريتي بجري به مين روڊ تي رکرائي وئي آهي، مورو روڊ، ڊي سي هائوس روڊ، بس اسٽاپ روڊ سميت شهر جي روڊن جي حالت رحم جوڳي آهي پر ڊي سي دادو جي “گرپ” صرف پوليو تي ڳالهائڻ ۾ آهي، ڪجهه ڏيڻ بدران روڊ پٽرائڻ واري ڊي سي دادو پنج لک آبادي واري ضلعي هيڊ ڪوارٽر کي ڏنو ته ڪجهه ناهي پر ڏُکايو ڏاڍو آهي. سماج جا مسئلا حل ته ناهن ڪيا پر مسئلا پيدا ڪيا آهن، مڪاني کاتي جا اعليٰ عملدار نوٽيس وٺن، نٿا وٺن ته اسين هتي دانهن ڪنداسين ته وڏي ڪرسي وارا صاحب ڏيو نٿا ته ڏُکايو به نه!

درياءُ خان جهتيال/دادو

اسان جي تعليم جي تباهي جو ذميوار ڪير آھي؟

  استاد هڪ پيغبري پيشو آھي پر اڄ ڪلھه استاد وحشي ۽ جانور ٿي ويا آھن، اسڪول جي شاگرد کان وٺي مسجد جي طالب تائين معصوم ٻارن کي وحشت جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، حقيقت ۾ استاد ۽ شاگرد جو ادب وارو رشتو ختم ٿي ويو آھي، اسان جي دور ۾ استادن جو وڏو مان مرتبو هو، استاد پنهنجي جاءِ تي پر استاد جو ويجهو مائٽ يا ڪو دوست ملندو هو ته ان کي به پيرين پئي هٿ ڏبو هو، موڪل جي ڏينهن ۾ جيڪڏھن ڪٿي استاد تي نظر پوندي هئي ته شاگرد کي سڄي رات ننڍ نه ايندي هئي، متان صبح جو استاد ناراض ٿي، جنهن جاءِ يا رش ۾ استاد ويٺو هوندو هو ته شاگرد اتي ويندو به نه هو، اڄ استاد بالنگ ڪندو آھي ۽ ان جو شاگرد بيٽنگ ڪندي نظر ايندا آھن، اهي هوٽل تي گڏ ويهي فلم ڏسندا آھن، اڳئين دور ۾ جيڪڏھن ڪو استاد ٻار کي مارڪٽ هو ته گهروارا خوش ٿيندا هئا ته ڀلي سندري پر اڄ جيڪڏھن ڪو استاد پنهنجي شاگرد کي ڪجهه واتان به چوندو آھي ته ان جا والدين استاد سان وڙھڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آھن، بيلدار، چوڪيدار، پٽيواليءَ جا اميدوار جيڪڏھن اسڪولن ۾ ماستر ٿيندا ته پوءِ ظاهر ڳالهه آهي ته تعليم جو ٻيڙو غرق نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟ هڪ سنڌي ڊرامي ۾ ھڪڙو ڳوٺاڻون وڏيري کي بيلدار جي نوڪري لاءِ پئسا ڏيندو آھي پر وڏيرو ان ڳوٺاڻي کي بيلدار بجاءِ ماستري  وٺي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد رکرايو، جڏھن سال کان پوءِ امتحان ٿيا ته اسڪول جا سڀ شاگرد فيل ٿي ويا، ان استاد کان پڇا ڪئي ته هي ڇا آھي؟ اهو استاد چوڻ لڳو ته سائين مان وڏيري کي بيلداري جي لاءِ پئسا ڏنا پر ان مون کي ماستريءَ جي نوڪري وٺي ڏني، هاڻي توهان ٻڌايو ته بيلدار کي ڪهڙي خبر ماستريءَ جي، اسان جي تعليم بلڪل تباهه ۽ برباد ٿيندي نظر ٿي اچي، ان ۾ وحشي  جانور ڀرتي ٿيل آھن، جيڪي اسڪولن کي فحاشي جو اڏو بڻايون ويٺا آھن.

جدا جاويد/ قبو سعيد خان

سنڌ جا سور ڪٿي ٿا گھٽجن !

  سنڌ ۾ درد، ڏُک بنهه گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، سنڌ جي ماڻهن کي دردن ڄڻ ته وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي پر انهن دردن کي ختم ڪرڻ لاءِ اهي غريب ماڻهو وس ته هلائين ٿا پر ان دردن واري وڻ ويڙهيءَ جي پاڙ پٽي نٿا سگهن، ڪيترائي سنڌ جا ماڻهو ان درد مان گذري رهيا آهن، تڪليفن سان وڙهي رهيا آهن، ڏُکن کان پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر لکيي کي ڪير مٽائي؟ تڪليفون ڄڻ ته رڳو منهنجي ديس واسين لاءِ ئي آهن، دردن، ڏُکن ۽ تڪليفن سان ڀريل ڪهاڻيون ڪيتريون ئي آهن، سنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي سنڌ جا نوجوان، سنڌ جون نياڻيون روزگار جي لاءِ روڊن تي دربدر ٿينديون رهيون آهن پر انهن جي درد ڀري دانهن ڪنهن به نه ٻڌي آهي. جمهوريت جو راڳ آلائيندڙ نعرو هڻندڙ پنهنجا پيٽ ڀريندا رهيا پر انهن کي سنڌ جي لکين نوجوانن ۽ نياڻين تي رحم نه آيو ته آخر سنڌ مان بيروزگاري گهڻي نه پر ٿوري ئي ختم ڪجي، سنڌ ۾ بيروزگارن جو ريشو وڌيڪ آهي پر روزگار جي دعويٰ ڪندڙن وٽ به وزيرن جي لوڌ آهي پر انهن پنهنجن کاتن ۾ بجاءِ نوڪريون ڏيڻ جي انهن کاتن ۾ ڪرپشن پاڻ به ڪئي ۽ جن انهن کي انهن کاتن جي ڪرسين تي ويهاريو انهن کي به ڪرپشن مان حصو ڏنو. اڄ انهن جي ڪرپشن جي ڪري سنڌ جا سمورا ننڍا وڏا ادارا تباهه حال بڻيل آهن، ڪا پلاننگ نه هجڻ جي ڪري سنڌ جون بيروزگار نياڻيون سنڌ جا بيروزگار نوجوان روڊن تي ڌڪا کائي رهيا آهن، ڪي ته زندگين جا ڏيئا اجهائي رهيا آهن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ