لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ايڊهاڪ ملازم طور ڀرتي ڪئي ويندي، وزيراعليٰ پابندي ختم ڪرڻ جي سمري منظور ڪري ورتي، پنجاب ۾ ڊاڪٽرن، نرسز ۽ ٻئي عملي جي ايڊهاڪ ملازمتن تي ڀرتي ڪئي ويندي، وڏي وزير صحت کاتي ۾ ايڊهاڪ مقررين تي پابندي ختم ڪرڻ جي سمري کي منظور ڪري ورتو آهي. پابندي جي خاتمي جو فيصلو اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر کاتي ۽ پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر تي لاڳو ٿيندو.