ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سمورن کاتن کي ڊيوٽيون نه ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اسان کي بھترين اسٽاف جي ضرورت آھي جيڪي ٻوڏ متاثرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ ھجن ۽ انھن جي خدمت تي يقين رکن، صحت، مڪاني ادارن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، آبپاشي ۽ ٻين کاتن ۾  عملدارن جي مقرري انهي حساب سان ڪئي وڃي. ڪالهه سي ايم هائوس ۾ ٻوڏ صورتحال بابت  ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوٽڙي  بئراج تي  وڏي ٻوڏ برقرار آهي، جتي اپ اسٽريم ۾ پاڻي گهٽجي 575435 ۽ ڊائون اسٽريم ۾555185 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. منڇر ڍنڍ جي سطح 122.75 مان گهٽجي 122.50 آر ايل ٿي وئي آهي. اجلاس ۾ مراد علي شاهه چيو ته منڇر  مان سنڌو ۾ 141200 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرايو پيو وڃي جيڪا سٺي ڳالهه آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايل ايس بند کي چار ڪٽ ڏيڻ بعد ميهڙ ۾ پاڻي جي سطح هڪ ۽ خير پورناٿن شاهه ۾ 3فوٽ گهٽجي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو  ته ڀان سيد آباد کي بچائڻ لاءِ رنگ بند تي ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، ميرپورخاص ۽ بدين صورتحال بابت ٻڌايو ويو ته  ايل بي او ڊي جي ڪيچمينٽ ايريا ۾ تيز برسات پئي آهي، اڄ به برسات جو امڪان آهي، هن وقت اسپائنل ڊرين تي آرڊي 816 کان 159 تائين تمام گهڻو دٻاءُ آهي. صحت کاتي  پاران ٻڌايو ويو ته متاثرن لاءِ 206 فڪسڊ ڪيمپ قائم ڪري 317 ڊاڪٽر، 648 پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ 145 رضاڪار  مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 382 موبائل ڪيمپون پڻ لڳايون ويون آهن، جن ۾ 396 ڊاڪٽر، 765 پيرا ميڊيڪل ۽ 171 رضاڪارڪم ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن 371440 مريضن جو معائنو ڪيو ويو، جن مان 18,804 مريض گيسٽرو، 20968 چمڙي جي بيمارين ، 8731 مليريا (شڪي)، 80 ڊينگي (شڪي) ۾ مبتلا هئا، هنن چيو ته  ڪيمپن ۾ گذريل ڏينهن 5 مريض فوت ٿي چڪا آهن، صحت کاتي سفارش ڪئي ته رليف ڪيمپن ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي،  وڏي وزير آبپاشي، پبلڪ هيلٿ  ۽ مڪاني  کاتي کي  ايندڙ اجلاس ۾ شهرن ۽ ڳوٺن مان  پاڻي جي نيڪالي بابت بريفنگ جي هدايت ڪئي آهي، هوڏانهن اجلاس بعد صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته امدادي سامان جي ورڇ يونين ڪائونسل سطح تي ويندي، هن چيو ته سنڌ۽ بلوچستان جي دنگ تي ايف پي بند کي لڳل گھارا بند ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهي گھارا جلد بند ڪيا ويندا، هن چيو ته جهڏي وٽان  پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ايل بي او ڊي کي ڪٽ هڻڻ بابت فيصلو آبپاشي کاتو ڪندو، انهن لاءِ مقامي ماڻهن سان صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن۔  ھن چيو ته هن وقت تائين پوڻا 3 لک خيما، هڪ  لک 81 هزار ترپال، 15 لک 14 هزار مڇردانيون ۽ 3 لک 96 هزار خاندانن کي راشن ڏنو ويو آهي، اجلاس ۾ وڏي وزير ھدايت ڪئي ته صحت کاتي کي دوائن جي خريداري لاءِ ٽه ماهي بجاءِ سڄي سال جا سمورا فنڊ جاري ڪيا وڃن