پريس ڪانفرنس جو پڙاڏو ۽ لانگ مارچ جي گونج!

0
212
پرماڪرائسز ۽ قومي اسمبلي ۾ پيش ٿيندڙ نئون بل

آڪٽوبر جي 27 تاريخ تي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم پاران هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. جنهن جو هدف ملڪ جون اهي موجوده سياسي حالتون آهن جيڪي اڳوڻي وزيرِاعظم عمران خان ۽ اتحادي حڪومت جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽگ آف وار (رَسا ڪشي) جي نتيجي ۾ ڦٽي نڪتيون آهن ۽ جيڪي خاتمي جو نالو نٿيون وٺن. ٻيو، اها پريس ڪانفرنس انهن سخت قسم جي مِهڻن جو، سخت قسم جو جواب هئي جيڪي عمران خان پاران اداري جي اهم سربراهن کي سندس حڪومت جي آئيني طريقي سان وڃڻ جي عيوض ڏنا وڃن ٿا. هن اهم پريس ڪانفرنس جي ٺيڪ ٻئي ڏينهن تي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پريس ڪانفرنس کي ڪنهن به کاتي ۾ نه آڻيندي، لبرٽي چوڪ، لاهور کان اسلام آباد ۽ راولپنڊي تي پنهنجو سياسي دٻاءُ برقرار رکڻ ۽ بيحد پريشان ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ان لانگ مارچ جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن جي لاءِ هو تمام گهڻو بيتاب هو ۽ پنهنجين تقريرن، پنهنجي پسند جي صحافين سان ميڊيا گڏجاڻين ۽ سوشل ميڊيا تي روز ايندي ويندي اظهار ڪرڻ سان گڏ، اعلان به ڪندو رهيو هو، ته اتحادي حڪومت کي ڌمڪيون به ڏيندو رهيو هو ۽ ان سان گڏ ملڪ جي هڪ طاقتور اداري جي قيادت مٿان ٽوڪن، ٺٺولين ۽ طعنن جي برسات به ڪندو رهيو هو ته آخر انهن ماڻهن جي ڪري، جن کي منهنجي سامهون (گڏجاڻين ۾) چور چئي هاڻي حڪومت حوالي ڪئي وئي آهي انهن کي عالمي تشڪيل ڪارن (اسٽيبلشمنٽ) جي مدد سان ملڪ جي مٿان ڇو مسلط ڪيو ويو. يعني بقول سندس چورن کي هن تي ڇو فوقيت ڏني وئي آهي؟ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي اهم پريس ڪانفرنس بعد عمران خان جي سخت بيانن جو هدف اتحادي حڪومت کان ڦري اسٽيبلشمنٽ ڏانهن هليو ويو آهي. ان جو سبب هي آهي ته هو ملڪ ۾ ڪنهن به تبديلي خاص طور تي سياسي تبديلي جي لاءِ اسٽيبلشمنٽ کي ئي اهم سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته بقول سندس اقتداري ۽ اختياري طاقت جو مرڪز  پاڪستان ۾ ووٽ يا ووٽر نه پر اسٽبلشمنٽ ئي آهي. جيتوڻيڪ اسٽيبلشمنٽ سينيٽ جي چيئرمين وارين چونڊن بعد عهد ڪيو آهي ته اهي هاڻي ڪوبه اهڙو ڪم ڪونه ڪندا جيڪو غيرآئيني ۽ غيرقانوني هوندو ۽ جنهن جي جهلڪ 27 آڪٽوبر واري اهم پريس ڪانفرنس ۾ به نظر آئي. پر عمران خان ان پريس ڪانفرنس کي به هي چئي رد ڪري ڇڏيو ته اها ڪانفرس غيرسياسي نه پر سياسي هئي، جيڪا اداري جي سربراهه کي نه ڪرڻ گهرجي ها. بهتر هو اها ڪانفرنس دفاع وارو وفاقي وزير خواجا آصف ڪري ها.

گهڻن جي راءِ ۾ جيڪا اهم پريس ڪانفرنس ڊي جي آءِ ايس آءِ پاران جنهن سياسي سربراهه جي خلاف ڪئي وئي ان سربراهه تي ان جو ڪو اثر ڪونه ٿيو ۽ ان پاران لانگ مارچ شروع ڪيو ويو. لانگ مارچ جنهن جو مقصدِ خاص بظاهر ته عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرائڻ آهي پر خان صاحب ان کي “حقيقي آزادي مارچ” ۽ “آزاد پرڏيهي پاليسي” جوڙڻ سان به ڳنڍي رهيو آهي. هو چئي ٿو ته “لانگ مارچ سياست، چونڊن يا ذاتي مفاد لاءِ ناهي. هڪ ئي مقصد آهي ته قوم حقيقي طور تي آزاد ٿئي. اسان جا فيصلا واشنگٽن يا برطانيا ۾ نه ٿين پر هتي (ملڪ اندر) ٿين.” اهڙي طرح گهڻا ماڻهو هي به چون ٿا ته، عمران خان وٽ سياسي چالن سان کيڏڻ واري جيڪا گهٽتائي هئي اها پوڻا چار سال حڪومت ۾ رهي ڪري هن کي سمجهه ۾ اچي وئي آهي. هاڻي هو هڪ طرف لانگ مارچ کي اڳتي به وڌائيندو رهي ٿو، ته پردي پويان ڳالهيون به ڪندو رهي ٿو. جنهن جو اظهار پنجاب جي عدالتي وڏي وزير پرويز الاهي هي چئي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته “هر لانگ مارچ ۾ ڳالهيون پردي پويان ئي ٿينديون آهن. هاڻي به پردي پويان ڳالهيون ٿي رهيون آهن.” پر عمران خان جي اهم ساٿي فواد چوڌري پاران ترديد ڪئي وئي آهي ته “لاهور ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.” فواد چوڌري به انهن ٽن ماڻهن منجها هڪ آهي جن تي فيصل واوڊا سوال اٿاريا آهن ته اهي خان صاحب جي 26 سالن جي سياست جو ٻيڙو ٻوڙڻ چاهن ٿا. عمران خان پنهنجين چالن وسيلي اتحادي حڪومت ۽ ان اداري مٿان دٻاءُ به برقرار رکڻ چاهي ٿو جنهن کان هن کي حقيقي طور تي وڏي شڪايت آهي. هو ڳالهين جي لاءِ چئي ٿو ته: “ ڳالهيون شهباز شريف کي هلائيندڙن سان ڪبيون. جيڪڏهن توهان چورن سان گڏ آهيو ته قوم توهان سان گڏ ناهي.”

هي حقيقت آهي ته حڪومت چاهي اڪيلي پارٽي جي هجي يا اتحادي پارٽين جي، اها سياسي طور تي ڪمزور ته ادارن آڏو وري بيوس هوندي آهي. ٻيو وري مخالف ڌر ان ارڏي ٻار جيان آزاد هوندي آهي جنهن کي سواءِ پنهنجي مڃائڻ جي ٻيو ڪجهه به پسند ناهي هوندو. پر جيڪڏهن مخالف ڌر به چون چون جو مربو هجي ته اها به گهڻي حد تائين سمجهوتن جو شڪار هوندي آهي ڇاڪاڻ ته جيتريون گھڻيون پارٽيون مفادن جو ٽڪراءُ به اوترو وڌيڪ هوندو آهي. عمران خان جڏهن حڪومت پئي ڪئي ته هو به سندس حڪومت ۾ مختلف پارٽين جو هجڻ سبب سمجهوتي جو شڪار هو جنهن جو ذڪر هو هاڻي عام جام ڪري رهيو آهي پر هاڻي جڏهن مخالفت ۾ آهي ته هو اڪيلو آهي يعني سمجهوتن کان آزاد ۽ نتيجن کان بي پرواهه. سو جيڪڏهن ثابت قدم رهيو ته ممڪن آ ته اتحادي حڪومت گوڏا کوڙڻ لاءِ مجبور ٿئي پر جيڪڏهن حڪومت پنهنجي موقف تي سختي سان قائم رهي ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جي لاءِ اتحادي حڪومت جي موثر جوابي ڪاروائي ڪم ڪري وئي ته گهڻو امڪان هي به موجود آهي ته خان صائب پويان پير ڪري يا وري جڏهن حالتون وس کان ٻاهر نڪري وڃن ته امڪان هي به آهي ته اهوئي ادارو جنهن جي پاران پريس ڪانفرنس ڪئي وئي آهي، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اچي ٽياڪڙي ڪرائي. پر پريس ڪانفرنس ۾ اداري جي غيرسياسي رهڻ واري ڪردار جي باري ۾ نه صرف چٽائي سان بيان ڪيو ويو آهي پر ان لاءِ ايندڙ وقتن جي هڪ منصوبي جي باري ۾ به ٻڌايو ويو آهي. جڏهن هن قسم جي خاطري ڪرائي وڃي ته ادارو هاڻي ڪنهن به غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڪم ۾ ڪنهن جو ساٿ نه ڏيندو ته سمجهڻ گهرجي ته ويڙهه عمران خان ۽ اتحادي حڪومت جي وچ ۾ ٿي رهي آهي. جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته نه عمران خان کي حڪومت جي ڪا پرواهه آهي نه حڪومت کي عمران خان جي پرواهه آهي. ٻنهي جو هدف اسٽيبلشمنٽ آهي. وزيرِاعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي بيان کي ڏسو جيڪو هن لاهور ۾ يوٽيوبرن سان گڏجاڻي ڪندي ڏنو آهي. “عمران خان کي جنهن اداري پاليو انهيءَ تي حملا پيو ڪري. اداري سوچيو هوندو ته عمران خان جي مدد ڪريون ٿا شايد پاڪستان جي حالت بهتر ٿي وڃي. سعودي عرب، چين ۽ قطر کان پيسا آڻي ڏنا ڌڪي اسٽارٽ گاڏي به هلي پوندي آهي عمران نه هلي سگهيو.” لانگ مارچ، پريس ڪانفرنس ۽ حڪومت جي هن ويڙهه ۾ ظاهر آهي ته ڪنهن هڪ ڌر جي سوڀ لڪل آهي ته ٻي جي هار مقدر بڻيل آهي ۽ ٽين جا نصيب ڀلا به ٿي سگهن ٿا ۽ اڻ وڻندڙ به، سو ڪير پٺتي ۽ ڪير اڳتي ٿيندو اهو ته نومبر مهينو ئي ٻڌائيندو جنهن ۾ هڪ اهم مقرري به ٿيڻي آهي جنهن لاءِ به خان صاحب پريشان آهي ته اها مقرري اتحادي حڪومت نه، پر ايندڙ حڪومت ڪري پر وقت گذري چڪو آهي ۽ ڳالهه گهڻي اڳتي وڌي چڪي آهي. نومبر واري مقرري جي باري ۾ دفاع جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته “عمران خان ڪيئن سوچيو ته سياستدان گڏجي آرمي چيف مقرر ڪندا؟ نومبر مهينو سياسي طور تي فيصلائتو مهينو آهي.”

لبرٽي چوڪ، لاهور کان شروع ٿيل هي اهوئي لانگ مارچ آهي جنهن جي باري ۾ خان صاحب پنهنجين تقريرن ۾ ڪيترائي ڀيرا ورجاءُ ڪيو ته جيڪڏهن عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو ته هو لانگ مارچ ڪري سگهي ٿو ۽ ان لانگ مارچ وسيلي حڪومتِ وقت کي گوڏا کوڙڻ تي نه صرف مجبور، پر بيوس ۽ لاچار به ڪري سگهي ٿو. سو ان اهم پريس ڪانفرنس تي، عمران خان جي لانگ مارچ تي ۽ اتحادي حڪومت پاران لانگ مارچين سان منهن ڏيڻ جي لاءِ جنهن قسم جي تياريون ٿي رهيون آهن انهن تي، پوري ملڪ ۾ مانڌاڻ متل آهي ۽ اڄڪلهه گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان گهڻن ماڻهن جي وات هي وائي آهي ته عمران خان ملڪ جي هڪ مضبوط اداري کي دفاعي ڪٽهڙي ۾ آڻي ان کي چٽائيون پيش ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ ۾ زبردست طرح سان ڪامياب ويو آهي. هڪ طرف عمران خان جا همدرد، چاهيندڙ ۽ پارٽي عهديدار  ان کي پنهنجي قائد جي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي رهيا آهن ته ٻئي طرف ملڪ جا ڪجهه تجزييڪار، مبصر ۽ ڀارت جي ميڊيا، حڪومت ۽ ڪجهه سياستدان پڻ خان صاحب جي ساراهه ۾ ڊاپن نٿا. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته هڪ اهم اداري جي سربراهه کي آخر اهڙي ڪهڙي پريشاني اچي ورايو هو جو هو نه چاهيندي به ميڊيا جي سامهون آيو ۽ پريس ڪانفرنس دوران جتي هن پاران ملڪ جي اهم سياسي مامرن تي کلي ڳالهايو ويو. خاص طور تي پي ٽي آئي سربراهه جي تڪراري بيانن جي حوالي سان جيڪي ڪجهه بيان ڪيو ويو ان جو جواب ته ٻئي ڏينهن تي خان صاحب به ڏيڻ ۾ دير نه ڪئي. ان سان گڏ ڊي جي آءِ ايس آءِ پاران ملڪي معاشي مسئلن ۽ اداري جو غيرسياسي رهڻ  لاءِ هڪ ڊگهي منصوبي جي باري ۾ به ڪانفرنس ۾ ويٺل ملڪ جي نامور صحافين کي آگاهي ڏني وئي ته ايندڙ 15، ويهن سالن تائين عسڪري اداري ملڪ جي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ڊگهي پريس ڪانفرنس ٿي چڪي. عمران خان جو لانگ مارچ شروع آهي ۽ اتحادي حڪومت ان لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پهريان کان بهتر حالت ۾ آهي. سو هڪ طرف گهرو وزير راڻو ثناالله ، جنهن کي عمران سرڪار منشيات جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو هو، بار بار چئي رهيو آهي ته اسان مارچين کي اهڙو سبق ڏينداسين جو اهي سڄي ڄمار ياد رکندا. ٻئي طرف خان صاحب آهي جنهن کي هي پڪ آهي ته اتحادي حڪومت لانگ مارچ کان خوف کائي عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندي.

 ساڳي پريس ڪانفرنس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ هي به فرمايو ته، “فتني ۽ فساد جو خطرو هجي ته، سچ جي ڊگهي خاموشي ٺيڪ ناهي.” ملڪ جي هڪ اهم اداري جي اهم سربراهه جي هن اهم پر تاريخي پريس ڪانفرنس جو ۽ عمران خان پاران لانگ مارچ جو ۽ حڪومتي ڪاروائي جو نتيجو ڇا نڪرندو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر هن سڄي مانڌاڻ جو فائدو شايد اداري کي ته ٿي وڃي پر نه عمران خان کي ۽ نه ئي حڪومتِ وقت کي ٿيندو ڇاڪاڻ ته سياسي گرمي پد وڌي رهيو آهي سو ڪٿي ائين نه ٿئي ته جهڙي طرح سان هن سال جي چوماسي وارين برساتين کي قدرتي آفت چئي عالمي امداد جي آسري ۾، بلوچستان ۽ سنڌ کي ٻوڙايو ويو آهي بلڪل اهڙي طرح سان سياسي حالتن جو ضابطي مان نڪرڻ جو نتيجو هي به نڪري سگهي ٿو ته ملڪ جي سياسي نظام کي انتظامي بريڪ لڳائي وڃي.