ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار وويڪ اوبراءِ به اداڪارا پريانڪا چوپڙا جيان بالي ووڊ جي حقيقت مداحن سان شيئر ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب پريانڪا جي ڪيل انڪشافن سان اتفاق ڪندي وويڪ اوبراءِ چيو ته مونسان به اهو سڀ ڪجهه ئي ٿيو. وويڪ چيو ته هن کي خوشي آهي ته هو ان مان نڪري آيو. هن چيو ته مان هڪ قسم جي آزمائش مان گذري آيس ۽ بچي ويس پر هر ڪو ايترو خوش قسمت نه هوندو آهي. وويڪ چيو ته مان گهڻين شئين مان گذريو آهيان جيڪي غير ضروري هيون تمام گهڻيون لابيون، ڪيتريون ئي جابراڻيون ڪهاڻيون جنهن جو پريانڪا به اشارو ڪري رهي آهي، بدقسمتي سان اهي اسان جي انڊسٽري جي سڃاڻپ آهن. اداڪار ٻڌايو ته منهنجي مشهور فلم “شوٽ آئو لوکنڊ والا“ ۾ مان شاندار پرفارمنس ڏني ۽ اها فلم هٽ به ٿي پر ان کانپوءِ به مان 14 مهينن تائين گهر ويٺو رهيس ۽ مونکي ڪو ڪم نه مليو. وويڪ چيو ته جڏهن مان ان وقت مان گذريس ته مان اهو سوچي رهيو هيس ته مان ان کان اڳتي ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، ان کانپوءِ بااختيار ٿيڻ لاءِ مون بزنس شروع ڪيو ۽ ان تي پورو ڌيان ڏنو، ڇوته مونکي به انڊسٽري ۾ هڪ ڪنڊ ۾ ڌڪيو ويو هو.