اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ  ۾ معمولي بهتري آئي آهي، پر ان باوجود سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 65.3 سيڪڙو تي برقرار آهي، 17 جون تي سنڌ اندر پاڻي  جي مجموعي کوٽ 66.2 سيڪڙو هئي، ڪالهه به گڊو بيراج تي پاڻي جي کوٽ 78.5 سيڪڙو،سکر بيراج تي 55.45 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 69.8 سيڪڙو کوٽ برقرار هي، گڊو بيراج تي پاڻي وهڪرن ۾ اضافو ٿيڻ تي کان پوءِ گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 65520 ڪيوسڪ تي اچي وئي آهي، گڊو بيراج جو هيٺيون وهڪرو 55276 ڪيوسڪ رهيو، سکر بيراج جو مٿيون وهڪرو 42070 ڪيوسڪ رهيو، هيٺيون وهڪرو 16550 ڪيوسڪ رهيو، ڪوٽڙي بيراج جو مٿيون وهڪرو 10274 ڪيوسڪس ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي فراهمي صرف 115 ڪيوسڪ رهي، سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ مجموعي طور تي 88 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 65520 رهي، 22480 ڪيوسڪ تونسا ۽ گڊو جي وچ ۾ پاڻي  گم ٿيو، دريائن ۾ پاڻي جي مجموعي آمد هڪ لک 77  هزار ڪيوسڪ مان وڌي 2 لک 2 هزار 400 ڪيوسڪ تي پهتي ، تربيلا ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 17 هزار 200 ڪيوسڪ رهي، کڻت هڪ لک هڪ هزار 900 ڪيوسڪ رهي، جڏهن ته پنجاب صوبي پاران ٽي پي لنڪ ڪينال مان  5098 ڪيوسڪ پاڻي کڻت جاري رکي، سي جي لنڪ ڪينال مان به بدستور مسلسل 500 ڪيوسڪ پاڻي کنيو پيو وڃي.