پاڪ-ڀارت ٽيمن جي ڪارڪردگي، بالنگ ۽ بيٽنگ اٽيڪ تي هڪ نظر

0
179
پاڪ-ڀارت ٽيمن جي ڪارڪردگي، بالنگ ۽ بيٽنگ اٽيڪ تي هڪ نظر
پاڪ-ڀارت ٽيمن جي ڪارڪردگي، بالنگ ۽ بيٽنگ اٽيڪ تي هڪ نظر

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ ڪڏهن به ڀارت کي شڪست ناهي ڏني. پاڪستاني بالرز ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي ٽي-20 ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ ڪڏهن به آئوٽ نه ڪري سگهيا. ويرات ڪوهلي 2012ع ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني بالرن کي کيڏيو ۽ ڪامياب رهيو. 2014

ع ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي هڪ ميچ ۾ ويرات ڪوهلي 36 رنز جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو. 2016ع جي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ويرات ڪوهلي کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هو ناڪام رهيا ۽ ويرات ڪوهلي 55 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي نمايان رهيو،

واضح رهي ته ٽنهي ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو به ڀارت کي شڪست نه ڏني. هاڻ ڏسڻو آهي ته سڀاڻي واري ميچ ۾ ويرات ڪوهلي ناٽ آئوٽ واري روايت برقرار رکي سگهندو يا پاڪستاني بالرز کيس آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا.