اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو سنڌ واسين جي خدشن باوجود اڄ پهرين مارچ کان طئي ڪيل طريقيڪار تحت ڊجيٽل آدمشماري ڪئي ويندي، گهر ۽ آدمشماري جي پهرين اپريل کان ڊيٽا جو تجزيو ( انلائيسسز) شروع ٿيندي، 30 اپريل تي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن تي ٻڏل انگ اکر جاري ڪيا ويندا، اڄ کان گهر گهر وڃي گهر ۽آدمشماري ڪرائڻ لاءِ  هڪ لک 21 هزار ڳڻپ ڪندڙ عملو(اينيومريٽرز) مقرر ڪيا ويا آھن، 86 هزار آرمي جا آفيسر، جوان مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي سينسز بلاڪن ۽ سرڪلز جي بائونڊريز تي ڊيوٽي ڏيندا، ملڪ ۾ 5 ورهين بعد ٿيندڙ ستين ڊجيٽل آدمشماري لاءِ هڪ لک 21 هزار شمار يا ڳڻپ ڪندڙ عملي جي ٽريننگ مڪمل ڪئي وئي آھي، آدمشماري لاءِ 1 لک 26 هزار ٽيبليٽس جي فراهمي ڪئي وئي آهي، 495 هنڌن تي سپورٽ سينيٽر قائم ڪيا ويا آھن، 20 فيبروري کان پاڻمرادو آدمشماري جي ڊيٽا پورٽيل ذريعي ڀرڻ جو عمل شروع ٿيو هو، 30 اپريل تي نئين ڊجيٽل آدمشماري جي ڊيٽا سي سي آءِ جي منظوري سان جاري ڪئي ويندي، نئين آدمشماري جي انگ اکرن تحت ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ  تڪ بنديون ٿينديون.