اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ گذريل ڏينهن ڳالهيون نه ٿي سگهيون، معاهدو دير جو شڪار، ذريعن موجب  آءِ ايم ايف پاران اسٽاف ليول معاهدي لاءِ پاڪستان تي وڌيڪ 4 شرط پورا ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو آهي، آءِ ايم ايف پهريان کان متفق شقن ۾ تبديليون ڪري وڌيڪ مطالبا ڪيا، ايم اي ايف پي جو هر روز پاڪستان کي نئون ڊرافٽ ڏنو پيو وڃي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان اسٽاف ليول معاهدي تي صحيحن کان اڳ سمورا شرط پورا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، قرض پروگرام بحالي ۾ پاڪستان کي 1998جهڙي صورتحال سامهون آهي، پهريون ڀيرو معاهدي کان اڳ  شرطن تي عمل لاءِ زور ڀريو پيو وڃي، آءِ ايم ايف معاهدي کان اڳ 4 شرط رکيا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي تي 3 رپيا 82 پئسا سرچارج 4 مهينن بدران مستقل طور لاڳو ڪئي وڃي، وياج جي شرح اڃا وڌائي وڃي، آءِ ايم ايف وياج جي شرح 2 سيڪڙو وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو، جنهن تي بضد آهي. وياج جي شرح وڌائڻ لاءِ مانيٽري بورڊ جو اجلاس 2  مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي،  آءِ ايم ايف پاڪستان کي مختلف ملڪن کان ملندڙ رقم جي به لکت ۾ خاطري گهري آهي، پاڪستان کي چين کان هڪ ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي. آءِ ايم ايف شرط پورا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، حڪومت کي سيلز ٽيڪس ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرو پوندو، مانيٽري پاليسي ۾ اضافي جو به اعلان ڪرڻو پوندو، مانيٽري پاليسي ڪاميٽي جو اجلاس 16 بدران 2 مارچ تي ٿيندو، وياج شرح ۾ واڌ جو جائزو ورتو ويندو جنهن بعد فيصلي کان آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو 9 فيبروري تي ٿيڻو هو جيڪو هاڻ مارچ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.