اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيٽروليم صنعت تي ليوِي 50 رُپيا في لٽر تائين وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي اتفاق ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول تي 10 رُپيا ۽ ڊيزل تي 5 رُپيا ليوي وڌائي ويندي، ايندڙ مهينن ۾ به ليوي ۾ 5-5 رُپيا في لِٽر واڌ ڪئي ويندي، جنوري تائين پيٽروليم ليوي کي مرحليوار وڌائي 50 رُپيا في لٽر ڪيو ويندو، پاڪستان ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪري آءِ ايم ايف ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان دُنيا کان قرض ورتو، پر صحيح استعمال نه ڪيو، موجوده حڪومت بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ قرض ورتو آهي، اسان کي ايڪسپورٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه جي ايڪسپورٽ ۾ به ڀارت ۽ چين کان پوئتي آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ هر ايڪسپورٽ اداري کي شيون 10 سيڪڙو ايڪسپورٽ ڪرڻيون پونديون، ايڪسپورٽ وڌائڻ رڳو ٽيڪسٽائل شعبي جي ذميواري ناهي، ايڪسپورٽ ۾ اضافي لاءِ هر ڪمپني کي پنهنجون 10 سيڪڙو شيون ايڪسپورٽ ڪرڻيون پونديون، اسان کي پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، معيشت بهتر ڪرڻ جا 4 اصول آهن جن ۾ پنهنجي وسيلن اندر رهڻ، ايڪسپورٽ ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ، ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ شامل آهن انهن شين تي عمل ڪيو وڃي ته ملڪ ترقي جي رستي تي اچي سگهي ٿو، هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر وڃي پئسا گهرڻ تي تمام گهڻي شرمندگي ٿئي ٿي، هلندڙ سال 4 هزار ارب رپين جو بجيٽ خسارو ٿيندو، گذريل مالي سال دوران 5200 ارب رپين جو بجيٽ خسارو ٿيو هو، ايندڙ نسلن تي حڪومت 50 هزار ارب رپين جو قرض ڏنو آهي.