اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جو ايران سان بارٽر سسٽم ۽ مقامي ڪرنسي ۾ واپار ڪرڻ تي غور، توانائي بحران تي ضابطي لاءِ ايران کان بجلي جي درآمد وڌائي ڇڏي. ايران جي خابرو اداري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ناڻي وزير مفتاع اسماعيل چيو ته ايران سان مقامي ڪرنسي ۾ واپار ڪرڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، مقامي ڪرنسي استعمال ڪرڻ لاءِ گورنر اسٽيٽ بينڪ ايراني هم منصب سان ڳالهائيندو، پاڪ، ايران ۾ بارٽر سسٽم ميڪنزم بڻجي سگهي ٿو، هن چيو ته موجوده حڪومت ايران کان بجلي درآمد ۾ اضافو ڪيو آهي، ايران پاڪستان ذريعي چين جون توانائي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو، پاڪستان کي توانائي جي گهڻي ضرورت آهي، ايران پوري ڪري سگهي ٿو، گيس پائيپ لائين منصوبي تي صحيح ٿيندي ئي پابنديون لڳي ويون.