پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد رضوان جو هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ قائم

0
274

گيانا (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.محمد رضوان هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشل رنسون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ ماڻيو آهي، هن اهڙو ڪارنامو ويسٽ انڊيز خلاف گيانا ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران 46 رنسن جي اننگز کيڏي انجام ڏنو.
محمد رضوان هيل تائين 2021 ۾ کيڏيل 14 اننگز ۾ 752 رنسون ٺاهي چڪو آهي، ان کان اڳ اهو رڪارڊ آئرلينڊ جي پال اسٽرلنگ وٽ هو، جنهن 2019 ۾ 20 اننگز ۾ 748 رنسون ٺاهيون هيون. ٻئي پاسي پاڪستاني رانديگرن ۽ آفيشلز محمد رضوان جي عالمي رڪارڊ جي خوشي ۾ تقريب ڪوٺائي جشن ملهايو، جنهن ۾ ٽيم آفيشلز ۽ رانديگر خوشي جو اظهار ڪندي نظر اچي رهيا هئا.