ٽوڪيو اولمپڪس، آسٽريلوي ايٿليٽ تاريخ رقم ڪري ڇڏي

0
197

ٽوڪيو(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي عورت پيراڪ ايما ميڪوئن ٽوڪيو اولمپڪس ۾ ٻي ڪامياب عورت اولمپڪ ايٿليٽ بڻجي تاريخ رقم ڪري ڇڏي. ايما ميڪوئن هڪ اولمپڪ گيم ۾ 7 ميڊلز حاصل ڪيا آهن، ايما ميڪوئن کان اڳ 1952ع ۾ روس جي مناسٽ ماريا 7 ميڊلز کٽيا هئا. ايما ميڪوئن مجموعي طور تي 11 اولمپڪ ميڊلز کٽيا هئا. پيراڪ ايما ميڪوئن آسٽريليا جي سڀ کان وڌيڪ ميڊلز کٽيندڙ ايٿليٽ بڻجي وئي آهي. ان موقعي تي ايما ميڪوئن چيو ته اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي، سپورٽ ڪندڙ سڀني جي ٿورائتي آهيان. ٻئي پاسي ٽوڪيو اولمپڪس سوئمنگ ۾ آسٽريليا 9 گولڊ ميڊلز کٽيا، جڏهن ته ايما ميڪوئن 4 ميڊل پنهنجي نانءُ ڪيا آهن.