لنڊن (دلچسپ نيوز) پاڪستاني نوجوان جو هڪ جملو 3 لک 77 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ۾ نيلام ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گوجرانوالا واسي آصف فيس بڪ تي لکيو ته مدثر سان دوستي ختم ٿي وئي هاڻ سلمان منهنجو سچو دوست آهي، آصف جو 2015 ۾ لکيل اهو جملو ايترو ته وائرل ٿي ويو جو هڪ اين جي او ان کي نيلامي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو، اين ايف ٽي فائونڊيشن پاران نيلامي لاءِ پيش ڪيل ان جملي خريدڻ لاءِ 3 لک 77 هزار رپين جي آڇ ڪئ وئي جنهن تي اهو جملو وڪرو ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آصف ۽ مدثر ته ان جملي پوسٽ ٿيڻ بعد وري دوست بڻجي ويا ۽ اڃا تائين دوست آهن پر اهو جملو به برقرار آهي جڏهن ته ماڻهو دوستي جي پڄاڻي تي اهو ئي جملو استعمال ڪري رڳو نالا تبيدل ڪن ٿا، اهو جملو سوشل ميڊيا تي پڻ ڇانيل آهي. اهري ريت آصف ۽ مدثر جي دوستي لازوال بجي وئي آهي.