ٽي-20ورلڊ ڪپ جو سڀاڻي سڀ کان وڏو دنگل: پاڪستان ۽ ڀارت ميدان تي لهڻ لاءِ تيار

0
242
ٽي-20ورلڊ ڪپ جو سڀاڻي سڀ کان وڏو دنگل
ٽي-20ورلڊ ڪپ جو سڀاڻي سڀ کان وڏو دنگل

دبئي(اسپورٽس نيوز) ٽي-20ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو دنگل سڀاڻي ٿي رهيو آهي، روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون دوبدو ٿينديون. دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ٽيم روايتي حريف خلاف ميدان تي لهندي.

بابر اعظم ۽ شاداب خان جي قيادت ۾ گرين شرٽس ڪاميابي لاءِ پرعزم آهي. ايونٽ جي سڀ کان وڏي دنگل جون ٽڪيٽون وقت کان اڳ وڪرو ٿي چڪيون، سڀني جون نظرون گرين شرٽس تي کتل آهن.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حڪومتي سطح تي وڏيون اسڪرينون لڳائي ميچ ڏٺي ويندي. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته رانديگر ورلڊ ڪپ ۾ پريشر کان آزاد ٿي کيڏن.

پي سي بي چيئرمين قومي اسڪواڊ کي آن لائين خطاب ڪيو ۽ پاڪستاني رانديگرن جو حوصلو وڌايو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي ميچ تي نه پر سموري ٽورنامينٽ تي فوڪس ڪيو.