ميھڙ: اي سيڪشن ٿاڻي تي 9 سڃاتل ۽ ٻه اڻ سڃاتل ماڻھن مٿان 3 ڄڻن جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو،دھشتگردي ايڪٽ تحت بخت علي کونھارو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، گرفتاري ڏيندڙ ٽن جوابدارن اشرف، ضمير ۽ ستار کونھارو سميت 11 ڄڻن کي جوابدار ڄاڻايو ويو، جوابدارن ۾ شاھنواز ،نثار ، دوست محمد عرف ڏاڏو ، شرف الدين ، يوسف عرف ضمير ، اشرف ، ياسين ، شھاب الدين ، ستار ۽ ٻن اڻ سڃاتل سميت 11 ڄڻا شامل آھن ڪيس ۾ جوابدارن تي ذاتي دشمني تان ڪورٽ اندر حملو ڪري قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آھي.