ميھڙ: ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ميھڙ ڪورٽ پھچي تفصيل معلوم ڪيا ۽ جاءِ واردات جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس دادو چيو ته واقعو کونھارا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري ذاتي دشمني سبب ٿيو آھي، ٽنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن وٽان 3 پسٽل ھٿ ڪيا آھن، واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ ڪئي ويندي. حملي واري واقعي ۾ پوليس عملدارن جي ڪوتاھي ثابت ٿيڻ تي پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين سخت سزا ڏني ويندي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪندڙ زخمي ٿيل پوليس اھلڪار کي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويندو بعد ۾  ايس ايس پي دادو فوتين جي وارثن سان پڻ ملاقات ڪري انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي.