ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان شهر جي شوڪت ڪالوني جي رهواسي 14 ورهين جي نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ فوجي فائونڊيشن اسڪول جي شاگرد فرقان راجپوت سان چئن ڄڻن پاران ڪولاچي پاڙي ۾ اوطاق تي اجتماعي ڏاڍائي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ متاثر ٿيندڙ نينگر جي پيءَ محمد اصغر راجپوت ٽنڊومحمدخان شهر جي سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آئي آر ۾ ڄاڻايوآهي ته منهنجو نينگر پنهنجي گهران پاڙي مان ناشتي جو سامان وٺڻ لاء نڪتو هو جنهن کي پاڙي مان نثار سٺيو ورغلائي سندس ڪولاچي پاڙي واري اوطاق تي وٺي وڃي پنهنجي ٻين ٽن دوستن غلام رسول ببن ملاح، ببلو پنجابي ۽ الهڏنو شاهه جيلاني، بليڊ سان بانهن ۽ ٽنگن تي چير ڏئي زبردستي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي سٽي پوليس جي وڏي منشي سيد ظهير شاهه پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نينگر جي پيءِ جي فرياد تي گهربل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ، پوليس سندن گرفتاري لاء مختلف جگهن تي ڇاپا هڻي رهي آهي، هن ٻڌايوته نينگر فرقان جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڊي ايچ ڪيو اسپتال مان ڪرايو ويو آهي جزا وٺي ليبارٽري ڏانهن روانه ڪيا ويا آهن جن جي رپورٽ اڃا اچڻِي آهي