ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ دارالامانن جي صورتحال بابت درخواست تي سکر جي دارالامان ۾ ذهني معذور عورت سان زيادتي ڪندڙ ڪلارڪ محمد شريف خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت هڪ مهيني اندر دارالامانن مان سموري مرد عملي کي هٽائڻ جو به حڪم ڏنو آهي. عدالت عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي وومين ڊولپمينٽ ۽ گهرو کاتن جي سيڪريٽرين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي کي ٻنهي سيڪريٽريز کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته دارالامان عورتن جي تحفظ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن، جيڪڏهن دارالامان جهڙي جاءِ تي به اهڙي طرح جو سلوڪ ڪيو ويندو ته عورتن جي تحفظ جي دعويٰ ڪٿي ڪئي وڃي؟ عدالت گهريلو تشدد بابت ٺاهيل 2013ع ايڪٽ تي عملدرآمد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گهريلو تشدد ايڪٽ تحت هر ضلعي ۾ وومين پروٽيڪشن سائڪالاجسٽ مقرر ڪيون وڃن، عدالت پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ لاڳاپيل کاتي جي ناڪامي آهي، سيشن جج جي رپورٽ ۾ عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن جي نشاندگي ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ لاڳاپيل کاتي جي ناڪامي ۽ سنگين شڪايتن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي، عدالت عبدالحسنين ايڊووڪيٽ ۽ ساره ملڪاڻي ايڊووڪيٽ کي عدالتي معاون قرار ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.