جاتي (ن پ ا) جاتيءَ ويجهو ٻن سئوٽن کي مڇيءَ جي شڪار بهاني سمنڊ وٺي وڃي مبينا طور بدفعليءَ جو نشانو بڻايو ويو. خبر موجب ڳوٺ الهرکيو ٿهيمور جي رهواسي ٻن سئوٽن 15 ورهين جي سڪندر ٿهيمور ۽ 17 ورهين جي نادر علي ٿهيمور کي جوابدار علي شير ٿهيم مڇيءَ جي شڪار بهاني هوڙي تي وٺي وڃي تشدد ۽ ڌمڪين بعد مبينا طور بدفعلي جو شڪار بڻايو. ٻنهي نينگرن جاتي ٿاڻي تي پهچي رپورٽ درج ڪرائي. بعد ۾ جاتي پوليس کين ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ تعلقي اسپتال اماڻي ڇڏيو. نينگرن جي ماءُ امينت ٿهيمور صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي نينگرن کي جوابدار علي شير ٿهيم روزگار بهاني مڇيءَ جي شڪار تي وٺي وڃي تشدد ۽ بدفعليءَ جو نشانو بڻايو. ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته نينگرن سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.