ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگھيو) ڏوڪري ويجهو پسند پرڻي تان هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان قتل، وارثن جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو، ڪيس داخل. خبر موجب ڳوٺ گاجي ديرو ۾ پسند جي پرڻي تان هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان گلزار گبول ٿڏي تي قتل ٿي ويو، اطلاع تي مقتول جا وارث مرد توڙي عورتون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن موهن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ تي نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو. وارثن پوليس کي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کڻڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن بعد ڊي ايس پي پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ لاش ڏڪري اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب ڪيترائي ڪلاڪ لاش پيل رهيو، بعد ۾ لاڙڪاڻي کان ڊاڪٽر گهرائي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول جي ماسات سخي گبول پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندن نوجوان کي علي حسن گبول ڌر قتل ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته مقتول جي ڀاءُ جان محمد گبول 6 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جو فيصلو پ پ اڳواڻ ڪيو هو جنهن ۾ مقتول واري ڌر تي 5 لک رپيا ڏنڊ پيو هو، جيڪو ڏيڻ لاءِ تيار هياسين پر مخالفن نوجوان کي فائرنگ ڪري بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن موجب مقتول جي پيءُ داناءُ گبول جي فرياد تي چئن ڀائرن علي حسن، ارباب، علي مردان سميت علي احمد، علي بخش، شاهنواز ۽ خالد گبول خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سکاوتي تڪرار تان پيش آيو، ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.