قبوسعيدخان (ن پ ا) بلوچستان جي ضلعي جهل مگسي جي موضه ڪوجهه ڳوٺ ۾ ملڪيت جي معاملي تان نافرمان پٽ حاڪم علي پنهنجي پيرسن پيءُ مجاهد علي مغلاڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته مقتول جو لاش جهل مگسي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، پيرسن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.