ٽنڊوباگو (ن پ ا) گذريل برساتي ٻوڏ کان پوءِ تعلقي ٽنڊي باگي جي آبادگارن کي اڃان تائين حڪومت طرفان اعلانيل ٻج ۽ ڀاڻ جا پئسا نه ملي سگهيا آهن. ان ڏس ۾ گذريل برساتن ۽ سم نالن کي پيل گهارن کان پوءِ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪپھ، ڪمند ۽ ساريالو فصل ٻڏي ۽ سڙي وڃڻ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جي ٿيل نقصان جو حڪومت پاران اڃان تائين ازالو نه ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري آبادگار قرضي بڻجي ويا آهن. آبادگارن وٽ فصل جي پوکائي جو خرچ نه هجڻ ڪري ٽماٽو مرچ، سرنهن، ڪمند، ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي. جنھن ڪري آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. پر سنڌ حڪومت طرفان آبادگارن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ رليف وارو ڪم ۽ ٻج ڀاڻ جي في ايڪڙ تي پنج هزار جي حساب سان ٿيل اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. ٻي طرف آبادگارن الھبچايو راھوڪڙو، نصرالله جروار، محمد يوسف ميراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ ته گذريل برساتن ۾ بيٺل هزارين ايڪڙن جي فصل جي وڏي پئماني تي نقصان ويو آهي، ٻيو ته روينيو کاتي جي تپيدارن، ڪوٽارن آبادگارن سان ٻه اکيائي ڪري تعلقي ۾ فصلن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ بجاءِ رڳو پنهنجي من پسند ۽ واسطيدار ماڻهن جي رڪارڊ سروي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.