بدين (رپورٽر) بدين جي ويجھو ڳوٺ جھنڊو کوسو جي رھواسين علي گل کوسو عبدالرحمان کوسو ۽ احسان کوسو جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن  ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪندي چيو آھي ته زمين جي تڪرار تان بااثر جوابدارن شير محمد ۽ غلام حيدر کوسو حملو ڪري ڇرين جا وار ڪندي اسان جي نوجوان نائين ڪلاس جي شاگرد اصغر علي کوسو ۽ سندس ڀاء الطاف حسين کوسو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي، انھي معاملي جو ڪيس ڄاڻايل جوابدارن خلاف بدين ٿاڻي تي داخل آھي، پر بدين پوليس بااثر جوابدارن کان وڏي رشوت وٺي کين گرفتار نٿي ڪري ۽ پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي، بااثر جوابدار ٻيھر اسان کي قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ،ھنن وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،