ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليجز بند رکڻ جو فيصلو

0
261

ٽنڊو ڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج به 16 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد مري جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ رجسٽرار زرعي يونيورسٽي، سمورين فيڪلٽي جا ڊينز، هاسٽل پروويسٽ ڊائريڪٽر ۽ ٽرانسپورٽ سميت لاڳاپيل ڊائريڪٽرز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ زرعي يونيورسٽي جو مُک ڪئمپس، ڏوڪري ڪاليج، خيرپور ايگريڪلچر انجنيئرنگ ڪاليج عمر ڪوٽ ڪئمپس 16 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته يونيورسٽي جا انتظامي شعبن جا سربراهه ضروري اسٽاف سميت موجود رهندا.