گهوٽڪي (رپورٽر)عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد صالح ملڪ ڀرسان خالي زمين ۾ پيل نوجوان جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتي نوجوان جو لاش ڪيترن ڪلاڪن تائين سڃاڻپ لاءِ پيل رهيو، وارث نه ٿيڻ سبب ميونسپل عملي لاش کي لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي عادلپور پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي مليل لاش جي حوالي سان جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ فوٽون به ڪڍيا آهن جنهن کي امانت طور دفنايو ويو آهي اگر ڪو وارث ٿيو ته لاش انهن حوالي ڪيو ويندو.