نندو شھر (ن پ ا) نندو شھر ڀرسان ڳوٺ سونو خان سيال جو رهواسي 45 ورهين جو محمد حسين ملاح نوابشاهه ۾ سانگهڙ روڊ تي ڪم ڪندي ڪارپيٽ مشين جي هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ضروري ڪارروائي بعد لاش ساٿي پورهيتن حوالي ڪيو ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي فوتيءَ جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.