جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرڀاتين بابت ايف بي آر جي رپورٽ توڙي ڪارروائي ڪالعدم قرار

0
967
جسٽس قاضي فائز خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم
جسٽس قاضي فائز خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرڀاتين بابت ايف بي آر جي رپورٽ توڙي ڪارروائي ڪالعدم قرار، سپريم جڊيشل ڪائونسل سوڌو ڪوبه فورم جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪارروائي نه ڪندو، سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس تي لکت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، 10 رُڪني بئنچ طرفان 6-4 جي تناسب سان نظرثاني درخواستون منظور، 6 ججز درخواستون منظور ڪري ڇڏيون، ٽن ججز طرفان جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس سجاد علي شاهه طرفان فيصلي سان اختلاف، جسٽس يحييٰ آفريدي طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست منظور ڪرڻ جي مخالفت، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس ڪٽنب جي ملڪيتن جي جاچ نٿي ڪري سگهجي، نظرثاني درخواستن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.