ٽنڊوغلام علي (ن پ ا) ٽنڊوغلام علي ڀرسان صابن دستي چيڪ پوسٽ لڳ  قائم بچل شاھ درگاھ وٽ 30 ورهين جي نوجوان غفور گواريو وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو،  جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف نوجوان جي وارثن ٻڌايو  دماغي توازن صحيح نه ھئڻ ڪري نوجوان  خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.