راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي گھرو وزير شيخ رشيد چيو ته فضل الرحمان جي سازش ڪرائڻ  جو اعتراف ڪڌي مذاق آهي ڇاڪاڻ ته سازش پرڏيهي ڊالر باغي ميمبرن ۾ ورهائڻ سان شروع ٿي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي شيخ رشيد چيو ته هر روز 10 شعبن ۾ نئون ٽيڪس لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته اڃا نه آءِ ايم ايف جو فيصلو آيو آهي ۽ نه ئي فيٽف گري لسٽ مان ڪڍيو آهي. هن سوال اٿاريو ته وزيراعظم، وڏو وزير منشيات ڪيس ۾ گھرو وزير تي فرد جرم ڪير لڳائيندو؟شيخ رشيد چيو ته جولاءِ پاڪستان جي سياست جو اهم ترين مهينو آهي، 20 ضمير فروش ڦريل ميمبرن کي نواز ليگ ٽڪيٽ ڏئي ووٽ کي عزت ڏيو جي بياني تي ٺپو هنيو آهي، قومي غيرت کي ڦريل ميمبرن کي رد ڪرڻو آهي. اڳوڻي گھرو وزير چيو ته چوڌرين کي ويڙهائي ڇڏيو ۽ ايم ڪيو ايم کي قطار ۾ لڳايو ويو، اڃا ٽريلر هلي رهيو آهي اتحادين جي فلم هلڻ اڃا پوئتي آهي.