ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊو آدم ويجهو ڪيلي جي پنن کي ساڙڻ تان ملاح ۽ ملوکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ ملاح ڌر جا 2 ڄڻا مارجي ويا، 6 ڄڻا زخمي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، 4 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب ڳوٺ عبدالمجيد ڏيرو ۾ ڪيلي جي سڪل پنن کي باهه ڏئي ساڙڻ تان ملوکاڻي ۽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ، ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ملاح برادري جا 2 ڳڀرو نوجوان 35 ورهين جو روشن ملاح ۽ 30 ورهين جو عرس عرف محمود ملاح مارجي ويا، جڏهن ته ملاح ڌر جا 3 ڄڻا غلام نبي ملاح، ملوڪ ملاح ۽ احسان الله ملاح، جڏهن ته ملوکاڻي ڌر  جا 3 ڄڻا محمد شريف ملوکاڻي، غلام مصطفيٰ کوسو ۽ محمد جعفر ملوکاڻي زخمي ٿي پيا، ڌرين ۾ جهيڙي سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڇڪتاڻ  سبب ٻنهي مقتولن جا  لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، بعد ۾ پوليس پهچي فائرنگ تي ڪنٽرول ڪرائي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ملوکاڻي ڌر جي زخمي ٿيل ٽنهي ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ايم پي اي فراز ڏيرو تعلقي اسپتال پهتو، جتي مقتولن جي وارثن دانهيندي چيو ته ملوکاڻي ڌر جا اسان جا ڪلاسي آھن، اسان جي ماڻھن پنهنجي زمين ۾ ڪيلي جي پنن کي باهه ڏئي ساڙيو پئي ته ملوکاڻي ڌر هروڀرو اڳرائي ڪري حملو ڪري فائرنگ ڪئي، سندن ڪنهن به فصل جو نقصان به ناهي ٿيو، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي، ايم پي اي کين جوابدارن جي گرفتاري ۽ مڪمل انصاف ڏيارڻ  جي خاطري ڪرائي،  پوسٽ مارٽم بعد مقتولن جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا، جنازا کڄڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو، پوليس اٽالن ڇاپا هنيا پر جوابدار ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي، آخري اطلاعن تائين تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.