گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي پوليس ڪچي واري علائقي مان ڌاڙيلن سان مقابلي بعد مغوي صابر علي ميراڻيءَ کي بازياب ڪرائي ورتو. گيمڙو ٿاڻي جي ايس ايچ او نواب علي چاچڙ موجب ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي پوليس ڪجھه ڏينهن اڳ گهوٽڪي مان اغوا ٿيل نوجوان صابر علي ميراڻي کي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس موجب ڌاڙيل مغوي نوجوان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري مغويءَ کي بازياب ڪرائي وريو.