واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ نتيجا بدلائڻ لاءِ جعلي اليڪٽرز کان مدد وٺڻ جي ڪوشش  ۾ ملوث نڪتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ڪانگريس تي حملي جي جاچ ڪندڙ پئنل جي سامهون ويڊيو ثبوت پيش ڪيا ويا. ٽرمپ جعلي اليڪٽرز لاءِ رپبلڪن نيشنل ڪاميٽي جي چيئرپرسن کان مدد گهري. ري پبلڪن سينيٽر ران جانسن ٽرمپ کي جعلي الڪيٽرز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته جارجيا جي سيڪيورٽي آف اسٽيٽ کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون.