ٻوڏ ۾ ٻڏُي ويل هڪ ڪھاڻي … ناري جي هڪ ناريءَ ..!

0
216
ٻوڏ-۾-ٻڏُي-ويل-هڪ-ڪھاڻي-ناري-جي-هڪ-ناريء

 سانوڻي جون برساتون ڄڻڪ هن جي اکين ۾ سدائين وٺيون ئي رهيون آھن، ڪڏھن ڳچ ته ڪڏھن ٿوريون. انهن برساتن جو سفر ڪٺن ته آھي ئي پر گهڻو عذائيندڙ به آھي. لڇيءَ سدائين غمن، ڏُکن، پيڙائن ۽ عذابن جي رڻ جي رولاڪ رهي آھي، جڏھن کان هي ڄائي ته ڏُک سندس روحُ جي پاتار تائين پار ٿي چڪا هئا. هن جو وجود جڏھن سندس ماءُ جي پيٽ ۾ جنميو ته ڪجھه ئي عرصي ۾ لڇيءَ جو مڙس ڪنهن بيماري سبب گذاري ويو هو! لڇيءَ جي والده ڏُکن ۾ سک ڳوليا پر هن کي سُک ڪنهن خوشي وانگر مليا ئي نه. جڏھن هي پيدا ٿي ته هن جي والده ڪمزوري سبب گذاري وئي.لڇيءَ کي سندس ئي چاچيءَ پاليو “ماءُ جي شفقت کان بغير ٻار محبت ۽ پيار کي نه ٿو سمجهي سگهي” هي به اهڙي پيار کان ڪوهين ڏُور رهي. ڌڪن ڌاٻرندڙ زندگي هن جي وجود کي هر هر وڍَ ڏئي رهي هئي. هر خوشي ڀريو سمان هن لاءِ هن جي وجود کي پيو پٽيندو هو ته هي خوشي ڪهڙي بلا جو نانءُ آھي.هي خوشيون ڪنهن لاءِ آھن ته ڪنهن لاءِ عذاب جو سامان ڇو ٿيون بنجن!!؟ اهڙا سوال ويتر هن کي پريشان ڪندا هئا پر هي دردن ماري ڪنهن سان ٻڙڪ نه سليندي هئي. هي بس سڀئي روش پنهنجن پروڻ پئجي ويل اکين سان پئي جاچيندي هئي. نيٺ هي اهڙين روين ڏُکن حالتن مان پچي راس ٿي چڪي هئي، جيئن بٺي ۾ ڪا نه پڪي نه ڪچي واري حالت مان پيدا ٿيل سر وانگر هئي! جيڪا نه ڀڳي ٿي سگهي نه ڀورا ٿي سگهي ٿي.

جڏھن ساماڻي ته ڳوٺ وارن هڪ معذور مڙس هن جي حوالي ڪيو.هن ان کي ئي پنهنجو ڪيو ڇاڪاڻ ته هن جي اداس گود ۾ پيار جو پانڌيئڙو هو ئي نه!!! هي ڀٽڪيل ڪوئل وانگر ڪوڪيندي ته هئي. هن سخت پورهيا ڪيا. محنت ڪئي. مڙس کي تڪليف وارو ڪم نه ڏنو. شادي بعد هن کي پنهنجي ٻار جي اميد جون ڪرڻون اندر ۾ روشن ٿيون. جڏھن اهو لمحو اچڻو هو ته ان وقت لڇيءَ جو مڙس روڊ حادثي جو شڪار ٿي پيو!!! هن جي ڏُکن جا بار سوايا ٿي پيا.ٻار ڄايس ته هن غور سان جاچيو “هن جو جهريل وجود خوشين ۽ غمين ڀريا ڪوسا لڙڪ روڪي نه سگهيو! اُھي لڙڪ سندس ننڍڙي نياڻي جي معصوم ڳل تي وزني ڏکن ڀريا لڙڪ ڪريا ته هُن اونهو ڇرڪ ڀريو ۽ زارون زار روئڻ شروع ڪري ڇڏيو.”هي هاڻي پنهنجي مُڙس جي سهاري کان بغير پنهنجي نياڻي سان روح راضي ڪرڻ لڳي. نياڻي کي اسڪول ۾ پڙھائڻ لڳي. ماڻھن جي گهرن ۾ ڪپڙا ڌوئي هي پنهنجي ننڍڙي کي پڙھائڻ لڳي. جڏھن هن کان ننڍڙي پنهنجي والد جو پڇندي هئي ته هي صرف لڙڪن جو جواب ئي ڏيندي هئي.هڪ لمحو اهڙو نه آيو ته هن کان سندس نياڻي ضد ڪرڻ لڳي ته “امان بابا ڪٿي آھي؟سڀني جا بابا آھن، اهي بابا ڪهڙا ۽ ڇو ٿيندا آھن!؟” اهڙي سوال هن جي ٻريل من کي ويتر ناس ڪري ڇڏيو! هن لاءِ نياڻي پاران اهڙو سوال جيون ڀر جي پيڙائن کان ٻيڻو عذاب برابر هو! هي چوڻ لڳي ته “بابا ڪڏھن ڪڏھن ڇڏي ويندا آھن هليا، مونکي منهنجا والدين ڇڏي ويا.” امان پوءِ توکي تڪليف نه ٿي!؟ لڇيءَ اهڙن سوالن بعد نياڻي کي ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ لڳندي هئي ۽ تاڪيد ڪندي هئي ته ٻچا زمانو ڪاري نانگ ۽ ڏونگر کان به سخت قسم جو آھي، هن کي پنهنجي اندر جي طاقت ۽ محنت سان ئي جهيڙي سگهجي ٿو.

لڇيءَ لاءِ اهڙيون صلاحون روز جو معمول بنجي ويو هيون. هي ڏينهن جو محنت مزدوري ڪري ۽ رات ۾ پنهنجي ننڍڙي کي ريجهائڻ ۾ رڌُل رهي. ڪجھه ڏينهن اڳ سانوڻي جا وسڪارا هن جي جهُڳي مٿان لامارا ڏئي وسڻ لڳا. مسلسل مينهن ۽ طوفان هن جي ڀُريل وجود وانگر هن جي جهُڳي جي ڇتَ به ڊھي پٽَ پئجي وئي! اهڙي صورتحال ۾ ڪير ڪنهن ڪينَ بنجي؟ جتي هر وجود ڀيانڪ برساتن سبب متاثر ٿيو هجي. هن اهڙو سمورو لقاءَ پنهنجين اکين سان ڏٺو پئي. مسلسل برسات ڪارڻ هن جي مزدوري کي به ڄڻ ڪنهن واسينگ نانگ ڪکَيو هجي!!! ماڻھن جا رويا ويتر هن کي هر هر ڏنگ ڏئي رهيا هئا.

اُھي مدد ڪرڻ بجاءِ ڀرسان لگهندي هنن تي پيا مذاق ڪندا هئا ته “اهڙي زندگي جيئڻ جو ڪارڻ ڪهڙو، جنهن جو ڪو ڪارڻ ئي نه هجي” هڪ رات اهڙي ته سرديءَ اُٿي جو رات ۾ هي ٻئي ڪنبڻ لڳيون، مٿان مينهن وسندو رهيو. “هنن قيامت جا جيئرا منظر پنهنجين اکين سان ڏٺا، اهي لمحا هنن لاءِ عذاب جو سبب بڻيا، نيٺ برساتي پاڻي هنن جي ٿڌي ٿيل جسم تي حملو ڪري چنبڙي ويو”. هي ماءُ ۽ ڌيءَ ٻئي هاڻي هڪٻئي کي آٿتون ڏئي رهيون هيون ته بس اجهو ٿي برسات بيهي، پر هنن کي اها ڀلي ڀت ڄاڻ ھئي ته اسان جي اهڙن خالي دلاسن تي سردي ۽ برساتي پاڻي پاسو ڪونه ڇڏيندو. هي بجلي جي تجلن تي ڳوٺ جون شاهي عمارتن ۾ آرامده ستل ماڻھن ڏسي رهيون هيون، نيٺ لڇيءَ کان سندس نياڻي پڇيو ته “امان برسات انهن لاءِ رحمت آھي پاڻ لاءِ…ڇو؟” ايتري ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ هنن ٻنهي سان گڏ هنن جي جهريل جهوپڙي جو هر ڪکَ پنَ سڙي ناس ٿي پيو هو!!! صبح ٿيو برسات بيٺي ۽ ڳوٺ جي هر ماڻھو جي اکَ آلي ٿي چڪي هئي. اُنهن ٻنهي اڄ ڳوٺ جي قبرستان کي آباد ڪري ڇڏيو آھي. “انهن جي قبرن ۾ تڙپندڙ ٻنهي جا وجود سُک جا متلاشي آھن ۽ ھنن ٻنهي وانگر سنڌ پنهنجن ٻچڙن جا اهڙا حال ڏسي روئي رهي آھي.”