حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت حالي روڊ جي رهواسڻ عورت جي درخواست تي سي آءِ اي انچارج ۽ ايس پي ڪمپلينٽ سيل کي نوٽيس جاري ڪندي کين 21 سيپٽمبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. مسمات زنيره قائمخاني ايڊيشنل سيشن جج نمبر 8 جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ته 11 سيپٽمبر 2022ع تي سي آءِ اي پوليس جي سب انسپيڪٽر نديم رضوي، اي ايس آءِ عرفان سپيو ۽ سپاهين شرجيل جمالي، دانش خاصخيلي بنا وارنٽ جي سندن گهر ۾ داخل ٿيا ۽ کين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهر ۾ پيل سندس ڏيرياڻي جا لکين رپين وارا سونا زيور ۽ 30 لک رپيا روڪ رقم کڻي ويا آهن. ايس آءِ پي ۽ ٻيا پوليس اهلڪار سندس مڙس عبدالرحمان قائمخاني کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا جنهن جي بعد ۾ 20 ڪروڙ رپين جي هيروئين سميت گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. ڪارروائي سي آءِ اي انچارج منير عباسي جي چوڻ تي ڪئي وئي ان لاءِ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.