حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ ايس ڊي پي او حالي روڊ ڊي ايس پي شڪيل احمد سولنگي کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي. غلام نبي ميمڻ پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي آءِ جي حيدرآباد جي سفارشن بعد ڊي ايس پي اسپيشل برانچ سٽي عبدالخالق جهتيال کي بدلي ڪري ايس ڊي پي او حالي روڊ مقرر ڪيو ويو آهي. بدلين ۽ مقررين بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊي ايس پي شڪيل احمد سولنگي سي پي او آفيس رپورٽ ڪندو.