رتوديرو: ممتاز ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان سنڌي ٻولي جو سرڪاري طور اعلان ڪري 1972 ع ۾ بل سنڌ اسمبلي ۾ پيش ڪيو، 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ ۾ ٻولي جي مسئلي تان ان وقت تشدد وارا واقعا شروع ٿيا، جڏهن سنڌ اسمبلي سنڌي ٻولي جو بل منظور ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري خلاف جدوجھد ڪرڻ تان ممتاز ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو ۽ جنرل ضياءَ جي حڪومت کيس جلا وطن پڻ ڪيو، 1985 ع قومپرستي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌي، بلوچ پشتون فرنٽ نالي سان هڪ نئين سياسي اتحاد جو اعلان ڪيو، جلاوطني بعد پاڪستان اچڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر کيس ضياءَ جي فوجي حڪومت گرفتار ڪيو، 31 مارچ 1989 ع ۾ هن حيدرآباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان هڪ نئين سياسي جماعت جو اعلان ڪيو، آڪٽوبر 1993 ع ۾ صوبائي اسمبلي جي سيٽ تان ڪاميابي ماڻي، 1996ع ۾ سنڌ جو نگران وزير اعليٰ پڻ ٿيو.